حيدرآباد ۾ پراسرار نموني گم ٿيل ٻارڙو بيدردي سان قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

حيدرآباد:- حيدرآباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 12 سالن جو ٻار بيدردي سان قتل، لاش بند پيل فيڪٽري مان هٿ، پوليس جوابدار کي حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حيدرآباد جي حالي روڊ ٿاڻي جي حد جي الوحيد ڪالوني مان 2 ڏينهن اڳ 12 سالن جو حمزه پٽ رياض آرائين پراسرار نموني گم ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس تشدد ٿيل لاش ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ زم زم هائوسنگ اسڪيم گلشن خير محمد جي علائقي ۾ پلاسٽڪ جو داڻو ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري مان هٿ ڪيو ويو. نينگر جي گمشدگي جي حوالي سان گذريل ڏينهن سندس وارثن حالي روڊ ٿاڻي کي اطلاع ڏنو هو، جڏهن ته گهڻي ڳولا ڪرڻ جي باوجود نينگر هٿ اچي نه سگهيو هو. جڏهن ته ڪالهه شام جو ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس کي ڄاڻايل فيڪٽري ۾ لاش هجڻ جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن کي پوليس پهچي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. نينگر جو لاش ملڻ جي اطلاع تي پراسرار طور گم ڄاڻايل نينگر حمزه جا وارث به اسپتال پهتا جتي انهن لاش ڏسي ان جي حمزه پٽ رياض آرائين جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي. جيڪو ڇهين ڪلاس جو شاگرد هو،  پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جي چاچو محمد جاويد جو چوڻ آهي ته حمزه گذريل ڏينهن پراسرار طور تي گم ٿي ويو هو، جنهن جي گهڻي ئي ڳولا ڪئي وئي، پر هو هٿ اچي نه سگهيو. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي پر خبر نه آهي ته اسان جي نينگر کي ڇو اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو. حيدرآباد پوليس موجب ابتدائي جاچ  مطابق معصوم ٻارحمزه کي ان جي پاڙيسيري خالد طرفان زيادتي جا ثبوت مليا آهن، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ مطابق حمزه کان زيادتي ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار خالد اعتراف ڪيو آهي، جوابدار خالد معصوم ٻارحمزه کي زيادتي ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪيو.