حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو پنجون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ثقافت ، سياحت ۽ نوادرات واري وزير سردار علي شاهه ڪيو

حيدرآباد :- سنڌ  ميوزيم حيدرآباد ۾ پنجين ٽن ڏينهن واري حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي  سيد سردار علي شاهه  چيو ته وڏي تعداد ۾ شاگردن کي فيسٽيول ۾ ڏسي ڪريڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ نوجوانن جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪتابن جي پڙهن جو رجهان گهٽ ضرور ٿيو آهي مگر اڃان به نوجوان ڪتابن پڙهڻ سان وابسطا آهن. هن چيو ته حيدرآباد جي عوام جي لاءِ هي تمام سٺو موقعو آهي جتي اهي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻين تفريحي سرگرمين ۾ شرڪت ڪري سگهندا. لٽريچر فيسٽيول ۾ شاگرد يونين جي حوالي سان ۽ مختلف موضعن تي سِيشنس ڪرايا ويا  جنهن ۾ سنڌ جي اديبن ، سميت مخلتف فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي سنڌ ميوزيم جي اڱڻ تي ادبي ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا ، تقريب ۽ موسيقي جي فن جو مظاهرو ڪيو ويو وڏي تعداد ۾ شخصيتن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.