حيدرآباد ۾ ورلڊ بينڪ جي هڪ اهم وفد ، آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتال جو دورو ڪيو

حيدرآباد :-  سنڌ ۾ معياري صحت سهولتڪاري لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ ورلڊ بينڪ جي هڪ اهم وفد ، آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ حيدآباد جي ڪوهسار اسپتال جو دورو ڪيو. وفد ۾ ورلڊ بينڪ جي سينئر هيلٿ اسپيشلسٽ مس ڪينيڪو يماشيتا ۽ ورلڊ بينڪ جو ڊليوري ڪنسلٽنٽ ميزويتا زيناميو سان گڏ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڊائلاگ جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ڪامران اقبال شامل هيا. جڏهن ته آءِ ايڇ ايس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عثمان هادي، سنڌ جا آپريشن هيڊ، طاهر عباس، ڊسٽرڪٽ مينيجر محمد علي چانگ ۽ ڊاڪٽر سريش ڪماروفد کي اسپتال جا مختلف شعبا گهمايا ۽ کين آءِ ايڇ ايس پاران مهيا ڪيل سهولتن جي باري ۾ آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڊاڪٽر عثمان هادي وفد کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ جي صحت شعبي ۾ مجموعي طور آيل تبديلين ۽ خاص طور ڳوٺاڻن علائقن جي رورل هيلٿ سينٽرن ۾ آيل بهتري جا تفصيل ڳڻائيندي چيوته سروس ڊليوري جي بهتري ۽ باقائدگي سان گڏ معياري ۽ مفت ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سبب، عام ماڻهوانهن صحت مرڪزن کي پنهنجو سمجھي ان جا رضاڪاراڻا سهڪاري بڻيل آهن. ورلڊ بينڪ جي وفد جو هي دورو، ماڻهن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ صحت نظام جي پهچ، معيار ۽ انفراسٽرڪچر سان گڏ سماجي سطح جي گهرجن جو جائزو وٺڻ لاءِ هيو جيئن سنڌ ۾ هلندڙ هن عوامي ۽ نجي شراڪتي يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊل کي بهتربڻائجي. جنهن سان رڪاوٽن ۽ چيلنجن کي گهٽائي ملڪي صحت کي عالمي مقرر معيارن مطابق معاشري لاءِ لاڀائتو بڻائي سگهجي.