حيدرآباد ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. چئنل موري واري علائقي ۾هڪ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪريو. هٽڙي ٿاڻي جي پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ گلشن خير محمد واسي عبدالرحمان طور ٿي آهي. نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ملڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.