حيدرآباد ۾ موٽروي پوليس انڊس هاءِ وي تي پوليس بناجواز گاڏين کي چالان ڪري لکين رپيا ڪمائڻ لڳي مسافرن لاءِ آزار بڻيل، احتجاج

حيدرآباد:- حيدرآباد کان دادو ويندڙ انڊس هاءِ تي موٽر وي پوليس  پيٽارو ٽول پلازهه وٽ  ٽرانسپورٽرن ۽ مسافرن لاءِ آزار بڻيل آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بغير ڪنهن جواز جي گاڏين کي بيهاري چالان ڪري لکين رپيا روزاني ڪمائڻ ۾ مصروف آهن. جڏهن ته  گاڏين جي ڇت تي رکيل سامان جو چالان وٺڻ معمول بڻائي ڇڏيو. خبرموجب ڄامشورو کان دادو روڊ ٺهڻ دوران سبب مسافر ۽ مسافر گاڏين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ٻئي طرف انڊس هاءِ وي روڊ تي بيٺل موٽروي پوليس اهلڪارن رڻ ٻاري ڇڏيو آهي. هر ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏي توڙي مسافرن کان ناجائز جرماڻو وصول ڪري ڄام شورو دادو روڊ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب مسافر ۽ مسافر گاڏين جو عملو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته ڄامشورو کان دادو ويندڙ حيدرآباد جي صحافي انور چانڊيو جي مسافر ڪوچ مٿان رکيل موٽر سائيڪل به موٽر وي پوليس چالان ڪري ان کان 500 رپيا وٺي ڇڏيا آهن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. مسافرن توڙي ٽرانسپورٽن ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير ۽ موٽر وي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽارو ٽول پلازه وٽ مسافرن ۽ ٽرانسپورٽن سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽيس وٺي موٽر وي پوليس جي ناجائزين کان بچايو وڃي.