حيدرآباد ۾ مستحق عورتن کي امداد کليل سينٽرن ۾ ڏيڻ سان وائرس جا ڪيس وڌڻ جو امڪان

حيدرآباد :- وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي ڪورونا پکيڙ کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ مستحق عورتن کي امداد کليل سينٽرن ۾ ڏيڻ سان وائرس جا ڪيس وڌڻ جو امڪان، عورتن جا هجوم گڏ ٿي ويا، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پاران احساس پروگرام تحت مستحقن کي رليف فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي جي ٽن شهري تعلقن سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي تعلقي ۾ انتظاميا طرفان 22 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. سمورا سينٽر سرڪاري گرلز ۽ بوائز اسڪولن ۾ قائم ڪندي اتي ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سماجي فاصلا رکڻ جو پڻ ضابطه اخلاق لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻهراڙي واري تعلقي ۾ قائم سينٽرز تي انتظاميا پاران مستحق عورتن جا هٿ ڌوئارڻ سميت سينيٽائيزر جو به بندوبست ٿيل آهي پر ٽئين ڏينهن به سمورن سينٽرن تي رقم ملڻ جي اطلاع تي هزارين عورتون پهچي ويون جيڪي بنا خوف جي سڄو ڏينهن هڪ هنڌ هجومن جي صورت ۾ بيٺل نظر آيون، جڏهن ته انتظاميا رڳو انهن مستحق عورتن کي سينٽرن ڏانهن اندر اچڻ ڏنو، جن جا نالا پهرين کان ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن، باقي آيل عورتن جا نالا نه هجڻ جي ڪري کين اندر اچڻ نه ڏنو ويو، جنهن ڪري رقم ملڻ جي اطلاع تي پهتل هزارين عورتون ۽ سندن معصوم ٻار سڄو ڏينهن سخت گرمي ۾ سينٽرن ٻاهران هجومن جي صورت ۾ ويٺل رهيا. حيدرآباد ۾ قائم بئنڪن جي اي ٽي ايم مشينن مان پئسا کڻڻ لاءِ ايندڙ مستحق ماڻهن جون سڄو ڏينهن قطارون لڳل هجن ٿيون جيڪي به سماجي فاصلا رکڻ واري ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اڪثر سينٽرن تي عورتن جي رش وڌڻ سبب ڪجهه دير رقم نه ملڻ تي عورتون احتجاج ڪندي هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃن ٿيون پر ضلعي انتظاميا انهن کي سماجي فاصلن توڙي ضابطه اخلاق تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي ٿي.