حيدرآباد ۾ مرڪ ٿيٽر ۽ پروگريسيو رائيٽرس ايسوسئيشن حيدرآباد چيپٽر پاران صوفي لا ڪوفي جي عنوان هيٺ ٿيٽر پيش ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ جو کيڙي سو کائي  جي تخليقڪار ۽ سنڌ جي آزادي لاءِ مغل سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ صوفي شاهه عنايت تي مهران آرٽ ڪائونسل ۾ مرڪ ٿيٽر ۽ پروگريسو رائيٽرس ايسوسئيشن حيدرآباد چيپٽر پاران صوفي لا ڪوفي جي عنوان هيٺ ٿيٽر پيش ڪيو ويو جنهن ۾ تحرير ڊاڪٽر آصف ۽ قزبانو آصف پاران پيش ڪئي وئي، صوفي شاهه عنايت جي زندگي متعلق پروگرام ۾ نوجوانن پرفارمنس ڏيکاري ۽ ان موقعي تي سماجي سائنس جو اسڪالر منظور ٿهيم ، ڊاڪٽر فهيم نوناري، صوفي حضور بخش، ۽ صوفي لا ڪوفي ٿيٽر جي تحرير لکندڙ ڊاڪٽر آصف چيو ته صوفي شاهه عنايت جو کيڙي سو کائي نعري هيٺ هزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ پيڙهيل هاري ان وقت جي زميندارن وڏيرن پيرن ، سيدن ، سان گڏ ڪلهوڙن جي زمينن کي ڇڏي شاهه عنايت وٽ اچي زمين کيڙي سوشلسٽ انقلاب جو عملي روپ ورتو وڌيڪ چيو ويو ته صوفي شاهه عنايت جي انقلاب واري جنگ کي اڄ جا نوجوان ان جدوجهد کي جاري رکيو اچن پيا جنهن مان اسين خوشحالي واري لاڀ حاصل ڪنداسين ۽ پروگرام ۾ آيل مهمانن ٿيٽر صوفي لا ڪوفي ۾ ٿيل پرفارمنس کي تمام گهڻو ساراهيو ويو