حيدرآباد ۾ قومي عوامي ۽ سنڌي ھاري تحريڪ پاران ھاري آبادگار ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

حيدرآباد: قومي عوامي ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جي ھاري آبادگار ڪانفرنس اڄ قاسم آباد جي لنڊن ٽائون پارڪ ۾ ٿيندي، جنھنجو مھمان خاص اياز لطيف پليجو آھي۔ ڪانفرنس لاء وڏو اسٽيج تيار ڪيو ويو آھي ۽ پنڊال ۾ 7 ھزار مھمانن جي ويھڻ لاء ڪرسيون لڳايون ويون آھن۔ ڪانفرنس ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي عھديدارن کي حلف پڻ کڻايو ويندو۔ ان سلسلي ۾ مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو جي پڌرائي موجب ڪانفرنس ۾ آبادگار، اديب ۽ سول سوسائٽي جا نمائنده شرڪت ڪندا۔ ھن چيو ته سنڌ جي زراعت، تعليم، صحت سميت ھر شعبي کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي۔ 150 سالن کان سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي۔ ارسا پاڻي چوري ۾ سھولتڪار ثابت ٿيو آھي۔ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي۔ پيپلز پارٽي تباھي کان سوا ڪجھ به نٿي ڏئي سگھي۔ سنڌ جي حقن لاء عوام کي بيدار ٿي جدوجھد ج رستي تي اچڻ گھرجي۔

قرارداد
هاري آبادگار ڪانفرنس
16 نومبر 2019ع قاسم آباد لنڊن ٽائون پارڪ، حيدرآباد

• سنڌو درياهه جي 150 سالن کان لڳندڙ ڌاڙي جي ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي، سمنڊ ٺٽي، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. هي ڪانفرنس مطالبوٿي ڪري ته وفاقي حڪومت پاڻي کوٽ جي ڪري بنجر ٿيل زمينن ۽ فصلن جي نقصان جو نقصان ڀري ڏئي ۽ اها رقم متاثر آبادگارن ۽ هارين ۾ ورهائي وڃي۔
• 91ع ٺاهه تي عمل ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جي فطري ڇوڙ کي يقيني بنايو وڃي ۽ رڪاوٽ بنجندڙ وزيرن ۽ عملدارن کي هٽايو وڃي.
• سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ملڪ دشمن ۽ انسان دشمن منصوبو آهي، اهڙيون سازشون بند ڪيون وڃن.
• چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واهه آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي.
• چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر جو منصوبو بند ڪيو وڃي.
• ڪمند جي آبادگارن کي گذريل سال جون بقايائون فوري طور تي ڏنيون وڃن.
• شگر ملون چالو ڪيون وڃن ۽ ڪمند جو سرڪاري اگهه گهٽ ۾ گهٽ 225 ڪيو وڃي.
• ڦٽين ۽ سارين جي قيمت مناسب ڪري ناجائز ڪٽوتي بند ڪئي وڃي.
• نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ ملوث ڪمپونين ۽انهن جي سهولتڪار ڪامورن ۽ وزيرن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو وڃي.
• سنڌ حڪومت نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي متاثر آبادگارن ۽ هاري کي نقصان جو معاوضو ڏئي.
• ڪچي جي زمين ۽ سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي.
• ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار آسان قسطن ۽ بنا وياج تي آبادگارن کي ڏنا وڃن.
• ڳوٺن ۽ زمينن تائين روڊ ٺهرايا وڃن ته جيئن زرعي جنسن کي آساني سان مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي.
• ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي اين آر او ڏئي انهن سان مصلحت بدران ڪڙو احتساب ڪري عوام جي لٽيل دولت واپس ڪري تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ روڊن جي تعمير ٿي خرچ ڪئي وڃي.
• ميرٽ کي قتل ڪندڙ، سفارشي ڪلچر ۽ رشوت خوري ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي نااهل قرار کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ حڪومتي ۽ انتظامي نظام مان هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي.
• هارين جي ٻارن لاءِ پرائمري کان يونيورسٽي تائين تعليم مڪمل مفت ڪئي وڃي.
• هارين کي هيلٿ انشورنس جا ڪارڊ ڏئي سندس مفت بهترين علاج جو بندوبست ڪيو وڃي.
• سڄي سنڏ ۾ بند ويل اسڪول ۽ ڪاليج بحال ڪيا وڃن. جن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي ايس اين اي ناهي، انهن جي ايس اين اي منظور ڪري تعليمي نظام بحال ڪيو وڃي.
• سرڪاري سول اسپتال، تعلقي اسپتال کان وٺي بنيادي صحت مرڪزن ۾ ايڇ آئي وي، ڪتي ڏاڙهڻ جي وئڪسين، هيپاٽائٽس، ڪينسر سميت سمورين بيمارين جي تشخيص لاءِ معياري ليبارٽريون قائم ڪري مفت ٽيسٽون ڪيون وڃن.
• سرڪاري اسپتالن ۾ مفت دوائن ۽ ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪري معياري علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن.
• سرڪاري اسپتالن جي دوائن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن ۽ وزير کي گرفتار ڪري نااهل ڪيو وڃي.
• حيدرآباد ۾ ايڊز متاثر علائقن يوسي هٽڙي، ٻارچاڻي، مسوڀرڳڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ايڇ آئي وي جي اسڪريننگ ڪرائي وڃي ۽ ٻارن جو ٽريٽمنٽ سينٽر قائم ڪيو وڃي.
• ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي سمورن ڳوٺن، قديمي ڪالونين کي ريگيولائيز ڪري مالڪاڻا حق ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.
• ملتي نيشنل ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون وڃن.
• پئٽرول، گئس ۽ عام واهپي وارين شين کي سستو ڪري عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
• پي آءِ اي، ريلوي، واپڊا، سئي گئس، او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين سمورن وفاقي، خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن ۾ سنڌي نوجوانن کي نوڪرين جو پيڪيج ڏنو وڃي.
• سنڌ مان لوڊشيڊنگ جو عذاب ختم ڪري سڄي ملڪ ۾ برابر لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي.