حيدرآباد ۾ قتل ٿيل نينگر قادر بخش جي ڀيڻ وحشي جوابدارن هٿان لڄالٽ بعد قتل

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ نينگر قادر بخش جي ڀيڻ بچي نه سگهي، وحشي جوابدارن طرفان سندس ڀيڻ رُخسانه کي لڄالٽ بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جي او آر ڪالوني ۾ سومر ڏينهن شام جو 9 ورهين جي نينگري رُخسانه عرف رُڪي کي اغوا ڪيو ويو، نينگر قادر بخش ڀيڻ جي لَڄ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن کيس پيٽ ۾ ڇريون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. نينگر کي زخمي حالت ۾ هٿ ڪيو ويو ۽ اسپتال منتقل ٿيڻ بعد هو ڀيڻ کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو. نينگر قادر بخش هر هر اهو چوندو رهيو ته منهنجي ڀيڻ رُخسانا کي بچايو، عثمان بنگالي کيس اغوا ڪري ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي واسين عثمان بنگالي عرف مرغي وارو ۽ ساجد نوحاڻي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي نشاندهي تي لطيف آباد نمبر 10 ۾ بسم الله سٽي جي اي بلاڪ ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي اڏاوت هيٺ هڪ گهر ۾ دفنايل نينگري رُخسانه جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. نينگري جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انتظار حسين سيال پهچي سڃاڻپ ڪئي ته اها سندس اغوا ٿيل ڌيءُ آهي، جنهن جي لڄ بچائيندي ڀاءُ به پنهنجي جان ڏئي ڇڏي هئي. پوليس اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٻنهي جوابدارن عثمان بنگالي ۽ ساجد نوحاڻي جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته نينگري کي لڄالٽ بعد هُنن قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد لاش هڪ گهر ۾ پوري ڇڏيو. واضح رهي ته نينگر قادر بخش جي عمر 12 سال ۽ وحشت جو نشانو بڻايل نينگري رُخسانه جي ڄمار رڳو 9 سال هئي.