حيدرآباد ۾ ف ليگ طرفان راشن ونڊڻ جو سلسلو شروع

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي حيدرآباد پاران سنڌ ۾لاڪ ڊائون سبب مستحقن جي مدد لاءِ پارٽي سربراهه پير پاڳارو جي هدايتن تي حيدرآباد ۾سوين مسڪين ماڻهن ۾سامان ورهايو ويو. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي هدايت تي سندس پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران مستحقن ۾ راشن ورهائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پي ايم ايل ايف حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري رفيق مگسي جي اڳواڻي ۾ مستحقن ۾ راشن ورهايو پيو وڃي. ان موقعي تي رفيق مگسي چيو ته پارٽي سربراهه پير سائين پاڳارا، صدرالدين شاهه راشدي  جي هدايت تي سڄي سنڌ اندر لاڪ ڊائون سبب پورهيت طبقي ۾ راشن ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته حيدرآباد م به سوين ماڻهن ۾ راشن ورهايو آهي. جيڪو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته حڪومت سخڻن اعلانن کان سواءِ ڪابه ماڻهن جي مدد ناهي ڪئي. ان موقعي تي چوڌري ظفرالله آرائين، آغا صدر موسيٰ خيل، حاجي نياز احمد ساند، فاروق راڄڙ، ماجد شاهه، عبدالحليم درس ۽ ٻيا موجود هئا.