حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو

حيدرآباد:- يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪندڙ 17 شاگردن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ شاگردن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو، سهيل ڀٽو، حمزا علي چانڊيو، نظير قريشي، دودو سومرو ۽ ٻين چيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پنهنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪيو ته انهن خلاف رياست سان بغاوت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته شاگردن خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪري سنڌ جي نوجوانن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اچڻ جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اسان ناڪام بڻائي ڇڏينداسين. هنن چيو ته شاگرد يونين تي پابندين سان مسئلا وڌي رهيا آهن، اسان اڄ به شاگرد يونين جي بحالي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن خلاف داخل ڪيل بغاوت جو ڪيس ختم ڪري، شاگردن جا يونيورسٽي اندر مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ شاگرد يونين فوري طور تي بحال ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.