حيدرآباد ۾ سنڌ سرتيون ويلفيئر سماجي تنظيم طرفان عورتن جي مچ ڪچهري مچائي وئي.

حيدرآباد :- عورتن جي مچ ڪچهري، سگهڙعورتن جي شرڪت ، ڏور ، بيت، گجهارتون، ڳيچ پيش، حاضرين جي واهه واهه، سنڌ سرتيون ويلفئير سماجي تنظيم طرفان اهڙي قسم جون عورت سگهڙ مچ ڪچهريون سڄي سنڌ ۾ ڪرائڻ جو اعلان ، ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي هوائن ۾  ڊفينس واري علائقي ۾ سنڌ سرتيون ويلفيئر سماجي  تنظيم طرفان عورتن جي مچ ڪچهري مچائي وئي. جتي عورتن گڏجي سهرا ڳايا. مچ ڪچهري ۾ ناليواري صوفي راڳي وزير علي شاهه سرن جي ورکا ڪئي. مچ ڪچهري ۾ افسانه ڀرڳڙي جي سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. مچ ڪچهري ۾ حيدرآباد توڙي ڀرپاسي واران علائقن ۾ ادب، سياست سميت سماجي ڪمن ۾ حصن وٺندڙ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻ عورت شاهانه ڀرڳڙي آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ٻڌايو ته هي تنظيم تعليم. صحت ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي رهي آهي.مچ ڪچهري ڪوٺائڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته عورتن کي ان قسم جون ڪچهرين ۾ شرڪت جو موقعو نٿو ملي ، مچ ڪچهري سنڌ جي قديم ثقافتي ڪچهري آهي، اهڙن گڏجاڻين سان ماڻهن ۾ سماجي تعلقات ۾ واڌارو ٿئي ٿو. هن چيو ته اهڙين مچ ڪهچرين ذريعي اسان پنهنجي تنظيم سازي ۽ ميمبر شپ کي وڌائي سگهون ٿا، جنهن سان اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀلائي وارا ڪم به باآساني سان ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته اهڙي قسم جون مچ ڪچهريون اسان هاڻي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪنداسين.  مچ ڪچهري ۾ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي رشيده پنهور، نسيم شاهه، پروفيسر ممتاز شيخ، ڪامريڊ نظير ناز، سميرا مختيار، ياسمين مري، زرتاش ميمڻ، شبيلا ٽالپر، امبر صنم لغاري ۽ٻين عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.