حيدرآباد ۾ سرڪاري امداد جي تقسيم شروع, ڪروڙ رپين جي رقم مان راشن جا رڳو 10 هزار ٿيلها تيار ٿي سگهيا

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ سرڪاري امداد جي تقسيم شروع، ضلعي جي چئن تعلقن ۾ امدادي سامان ورهائڻ لاءِ 160 رليف ڪميٽيون قائم، سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل 2 ڪروڙ رپين جي رقم مان راشن جا رڳو 10 هزار ٿيلها تيار ٿي سگهيا، پهرين ڏينهن تي ضلعي جي چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشرن کي هڪ هڪ هزار ٿيلها ورهائڻ لاءِ حوالي ڪيا ويا، جيڪي اڃا تائين ورهائجي نه سگهيا آهن. رپورٽ موجب سنڌ سرڪار پاران ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيل غريب ماڻهن جي امداد جو ڪم چوڏهين ڏينهن شروع ڪيو ويو آهي ۽ امداد جي ورهاست جي پهرين ڏينهن تي ضلعي حيدرآباد جي چئن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هڪ هڪ هزار ڪٽا غريب ماڻهن ۾ ورهائڻ لاءِ حوالي ڪيا ويا. حيدرآباد ضلعو آبادي جي لحاظ کان سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو آهي جتي 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو رهائش پذير آهن ۽ هڪ اندازي مطابق شهري آبادي جو 60 سيڪڙو ماڻهو ڏهاڙي جي بنياد تي روزگار ڪمائي پنهنجو پيٽ پالين ٿا. سنڌ سرڪار جي جاري ڪيل 2 ڪروڙ رپين واري امدادي رقم مان مجموعي طور راشن جا 10 هزار ٿيلها تيار ڪيا ويا آهن جن ۾ اٽي جا 10 ڪلو، چانورن جا 5 ڪلو، کنڊ جو هڪ ڪلو، گيهه جا 2 ڪلو، دال جا 2 ڪلو، 500 گرام چانهه ۽ هڪ ڪلو خشڪ کير شامل ڪيو ويو آهي. اهو راشن 15 ڏينهن لاءِ في خاندان کي ڏنو پيو وڃي جنهن تحت پهرين ڏينهن تي ضلعي جي هر اسسٽنٽ ڪمشنر کي هڪ هڪ هزار ٿيلها ورهائڻ لاءِ حوالي ڪيا ويا. واضح رهي ته حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد تعلقا ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن ۾ آهن جتي مجموعي طور 96 يونين ڪميٽيون قائم ٿيل آهن ۽ انهن يونين ڪميٽين جي سطح تي ئي رليف ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙي طرح ٻهراڙي تعلقي جي 20 يونين ڪائونسلن، ٽنڊو ڄام ميونسپل ڪميٽي جي 11 وارڊن، هوسڙي ٽائون ڪميٽي جي 6 وارڊن ۽ قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي 27 وارڊن تي پڻ رليف ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. اهو امدادي سامان اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ رليف ڪميٽيون تقسيم ڪنديون جنهن لاءِ ضلعي جون مجموعي طور 160 رليف ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. هر رليف ڪميٽي ۾ 6 کان 7 ماڻهو شامل ٿيل آهن. سرڪار پاران مليل امداد مان جيڪي 10 هزار راشن جا ٿيلها تيار ٿيا آهن تن مان هر رليف ڪميٽي جي حصي ۾ رڳو ساڍا 62 ٿيلها اچن ٿا جڏهن ته انهن رليف ڪميٽين پنهنجي پنهنجي يوسي ۽ وارڊ سطح تي 400 کان وڌيڪ مستحق ماڻهن جون لسٽون تيار ڪيون آهن. شهر جي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي غريب ماڻهن لاءِ امداد واسطي رکيل 2 ڪروڙ رپيا بنهه ناڪافي رقم آهي ڇاڪاڻ ته ان رقم سان في خاندان جي لاءِ 15 ڏينهن جو جيڪو راشن ڏنو پيو وڃي تنهن مان رڳو 10 هزار ٿيلها ٺهي سگهيا آهن ۽ اهو سامان صرف 10هزار خاندانن تائين مس ورهائجي سگهبو جڏهن ته ٻيا به هزارين خاندان موجود آهن جيڪي سرڪاري امداد کان وانجهيل رهجي ويندا.