حيدرآباد ۾ رهواسين پاران گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ملڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاجي مارچ

حيدرآباد :-  حيدرآباد ۾ سنڌو درياهه ۽ واهن جي زمينن تان حدد خليون ڄاڻائي وڏي پئماني تي آپريشن ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان نوٽيس جاري ڪرڻ کان پوءِ علائقن جا رهواسي ۽ قومي عوامي تحريڪ سراپا احتجاج بڻجي ويا، اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو احتجاجي مارچ، مارچ قاسم آباد کان مارچ ڪندو مختلف علائقن کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پهتو، جتي مارچ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، رهواسين گهر ڊاهڻ جا نوٽيس جاري ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران جيئڻ ۽ رهڻ جو به حق کسيو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت هڪ طرف عوام کي اجها ڏيڻ جا اعلان ڪيا آهن ته ٻئي طرف عوام کي زبردستي گهرن مان بيدخل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته قاسم آباد ۾ سنڌو درياهه جي بند کان هيٺ ڪيتريون ئي ڪالونيون آهن، جتي هزارين ماڻهو پنهنجا اجها اڏي ويٺل آهن، سالن کان آباد ماڻهن کي هاڻي انتظاميا بلڊر مافيا جي ملي ڀڳت سان ان زمين تان اٿارڻ چاهي ٿي، جنهن کي قانوني مسئلي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي مظلوم ماڻهن سان گڏ آهي، جتي به ظلم ٿيندو اسان مظلومن جو ساٿ ڏينداسين ۽ حڪومت جي اهڙي ظلم خلاف جدوجهد جاري رکنداسين، هن چيو ته قاسم آباد ۾ غريب ماڻهن جا گهر ڪنهن به صورت ۾ ڊاهڻ نه ڏينداسين، ان لاءِ اسان سياسي ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين، هنن مسڪين پورهيت ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين، هن حڪومت کي چتاءَ ڏنو ته غريب ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ کانپوءِ پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ان موقعي تي قاسم آباد فيز 2 سميت ٻين علائقن جي رهواسين غلام مصطفيٰ گاڏهي، اسلم چانڊيو، رفيق کوسو، آفتاب بليدي، اقبال خاصخيلي، جميلا رستماڻي ۽ ٻين چيو ته هو سالن کان انهن علائقن ۾ گهر اڏي ويٺل آهن، سندن زندگي جي سموري ڪئي ڪمائي انهن اجهن جي تعمير تي لڳل آهي، جيڪڏهن هاڻي حڪومت کين اتان بيدخل ڪيو ته هو ڪيڏانهن ويندا، هنن چيو ته اٽو لٽو ۽ اجهو ڏيڻ  پ پ حڪومت جو بنيادي منشور جو نڪتو آهي، ان جي پاسداري ڪرڻ بدران کين اجهي کان محروم ڪرڻ لاءِ انتظاميا نوٽيس جاري ڪيا آهن پر افسوس آهي جو اڃا تائين سنڌ سرڪار ان معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو، هنن چيو ته هو ڪڏهن به گهر خالي نه ڪندا، جيڪڏهن انتظاميا آپريشن ڪري کين زوري بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اتي ئي مرڻ پسند ڪندا پر گهر نه ڇڏيندا. هنن چيو ته ڪرپٽ ڪامورن جي نظر ۾ زمين آهي، جيڪي بلڊر مافيا سان ملي ڪري  زمين تي قبضو ڪرڻ بعد ان کي وري ٻيهر وڪرو ڪرڻ  جو منصوبو جوڙي ويٺا آهن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن گهر ڊاهڻ وارو فيصلو واپس ڪري کين مالڪاڻا حق ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.