حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائيٽرز ڪيفي طرفان اياز ميلو 21 ڊسمبر تي ٿيندو، راڳي سرن جي ورکا ڪندا

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي جديد ترقي پسند، سيڪيولر، انسان دوست ۽ وطن دوست شاعر شيخ اياز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ سندس شخصيت جي الڳ الڳ پاسن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي پاران 21 هين ڊسمبر کان 25 هين ڊسمبر تائين خانه بدوش رائٽرس ڪيفي، سنڌ ميوزيم ۾ منعقد ٿيندڙ اياز ميلي بابت اياز ميلا ڪميٽي جي ڪنوينر امر سنڌو، عرفانه ملاح، تاج جويو، حسين مسرت شاهه، عبدالمجيد چانڊيو، رخسانه پريت چنڙ، نسيم اختر جلباڻي ۽ ٻين خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته گذريل 4 اياز ميلا عوامي شرڪتداري ۽ سندن گڏيل اتساهه ڀري موٽ سبب گهڻي ڪاميابيءَ سان ٿي گذريا آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اياز جي چاهيندڙن، فيملين، عورتن، مردن ۽ نوجوانن جي ڀرپور شرڪت رهي، اياز ميلي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ميلي ادبي دنيا ۾ ڇانيل ماٺار کي نه رڳو ٽوڙيو، پر اياز ميلي سنڌ اندر هڪ نئين ادبي ايڪٽوازم کي جنم ڏنو. هنن چيو ته اياز ميلي جي اها خصوصيت آهي ته ان ۾ روايتي ادبي پروگرامن کان الڳ نموني ادبي سيشنن کي ترتيب ڏنو ويندو آهي، اهڙي ريت سنڌ ۾ روايتي ادبي تقريبن کي منعقد ڪرڻ جي طريقي ۾ به فرق آيو، هن ميلي عام ماڻهن کي ادب جي ويجهي آڻڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته اياز ميلي جي خصوصيت رهي آهي ته اهو هميشه مڪمل طور تي عوامي رنگ رکندڙ ۽ عوام جي مالي امداد ۽ سهڪار منعقد ٿيندو رهيو آهي، ان ڪري ان جا سڀ رنگ عوامي هوندا آهن. هنن ٻڌايو ته هن ميلي کان اڳ چار ميلن ۾ ڪمشنر آفيس حيدرآباد پاران مالي ۽ انتظامي سهڪار حاصل هوندو آهي، جڏهن ته هن پنجين ميلي ۾ ثقافت کاتي جو سهڪار ۽ تعاون حاصل آهي. هنن چيو ته ميلي جي افتتاحي تقريب 21 ڊسمبر تي شام 4 وڳي منعقد ڪئي ويندي، افتتاح ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪندو، ميلي جا انتظام 90 کان وڌيڪ رضاڪار سنڀاليندا، ان کانسواءِ شيخ اياز جي شخصيت، فڪر ۽ شاعري جي حوالي سان تصويري نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو، جنهن جا ڪيوريٽر نسيم جلباڻي ۽ سعيد منگي هوندا، تصويري نمائش ۾ مشهور آرٽسٽ خدا بخش ابڙي جي تصويري نمائش سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جون پينٽنگون نمائش لاءِ رکيون وينديون، افتتاح کانپوءِ تقريب جي ڪارروائي ڀٽائي جي راڳ کانپوءِ شروع ڪئي ويندي.