حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

حيدرآباد : حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، ڊسٽرڪٽ بار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته محب آزاد کي 4 سيپٽمبر تي کنڀي گم ڪيو ويو، 22 ڏينهن گذرڻ باوجود سندس پتو نه آهي، تاج محمد ڪيريو موجب چيف جسٽس پاڻ مرادو نوٽيس وٺي محب آزاد لغاري کي بازياب ڪرائي