حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محب آزاد لغاري رياستي ادارن پاران کنڀي گم : وڪيلن پاران عدالتن جي بائيڪاٽ جو فيصلو

حيدرآباد : سنڌ سُجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، عوامي ورڪرز پارٽي ۽ حيدرآباد سول سوسائٽي پاران سُڀاڻي بتاريخ 5 سيپٽمبر 2020 جي ڏينھن منجھند ساڍي 12 ھين وڳي حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محب آزاد لغاري جي رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪرڻ واري غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل خلاف ۽ محب آزاد ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو، سنڌ جي سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن، ڪارڪنن، وڪيل برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪريون تہ سُڀاڻي واري احتجاج ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪن. 

ٻئي طرف حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار پاران اڪثريتي راءِ سان ايڊووڪيٽ ھاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محب آزاد کي رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪرڻ واري غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل خلاف مذمتي ٺھراءُ پاس ڪري سندس آزاديءَ جي گُھر ڪرڻ سان گڏ سڀاڻي 5 سيپٽمبر ڇنڇر جي ڏينھن حيدرآباد جي سمورين عدالتن جي ڪم جو بائيڪاٽ ڪندي ورڪ سسپينڊ ڪرڻ جو اعلان ڪندي سڀاڻي صبح جو 11 ھين وڳي ھاءِ ڪورٽ ۾ احتجاج پڻ ڪيو ويندو.

ٽئين طرف ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري جي گھرواري ادي اترت آزاد جي مدعيت ۾ ھٽڙي ٿاڻي تي رياستي ادارن مٿان ايف آءِ آر پڻ ڪٽرائي وئي آھي.