حيدرآباد ويجهو گم ٿي ويل ناري جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو, ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل

حيدرآباد :- حيدرآباد ويجهو پراسرار نموني گم ٿي ويل ناري جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل، الهداد چنڊ ڳوٺ وٽان ناري ڪشمي ڌيءُ آسو ڀيل پراسرار طور گم ٿي وئي. مائٽن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ٽن ڄڻن خلاف ڦليلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 20 سالن جي ڪشمي ڌيءُ آسو ڀيل علائقي جي هڪ گهر ۾ وي سي جا پئسا ڏيڻ وئي هئي، جنهن کانپوءِ هو واپس نه موٽي. ڪشمي سبزي مارڪيٽ ۾ پورهيو ڪندي هئي. سندس مائٽن کي شڪ آهي ته کيس ساڻس گڏ پورهيو ڪندڙ نظام الدين چانڊيو ولد شبير چانڊيو ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ناري جي هڪ ويجهي عزيز ڊاڪٽر پرديپ ٻڌايو ته ڪشمي جي ڀاءُ رامچند سان نظام الدين جو جهيڙو به ٿيو هو. سندس وارثن کي شڪ آهي ته هو ڪشمي کي ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي. ناري جي پيءُ آسو جي فرياد تي ڦليلي پوليس نظام الدين چانڊيو، سندس پيءُ شبير چانڊيو ۽ دوست رضوان چانڊيو خلاف ڪشمي کي زنا جي نيت سان اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.