حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي قائم ٽول پلازه جي مقامي ماڻهن کان اوڳاڙي،احتجاج،چڪريون

ٽنڊوڄام :- ٽنڊوڄام لڳ ڏيٿا اسٽاپ ويجهو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي قائم ڊوئڪجي ڪمپني جي ٽول پلازه بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پنج ڪلوميٽرن تائين جي مقامي ماڻهن کي ٽول ٽئڪس ۾ ڏنل ڇوٽ واري حڪم نامي کي ٽول انتظاميا هوا ۾ اڏائيندي مقامي رهواسين جي ايندڙ ويندڙ هر گاڏي کان ميرپورخاص تائين جو مڪمل ٽول ٽئڪس وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. جنهن تي مقامي شهري مڇرجي پيا ۽ ٽول پلازه آڏو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي گاڏيون بيهاري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ٽول انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران ٽول عملي ۽ مڇريل شهرين وچ ۾ وقفي وقفي سان چڪريون پڻ ٿينديون رهيون. مسلسل ٻه ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ هجڻ سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته بعد ۾ ڊوئڪجي ڪمپني جي سي اي او انتصار الدين پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي روڊ تي ٽرئفڪ بحال ڪرائي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ سهيل جهيجو، نظير زئونر، مشتاق زئونر، حڪيم زئونر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنج ڪلوميٽرن تائين جي مقامي ماڻهن کي ٽول جي ڇوٽ ۽ ٽنڊوڄام تائين روڊ استعمال ڪرڻ لاءِ 10 روپيا ٽول مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هيو. جنهن تي ٽن سالن کان عمل به ڪيو پئي ويو ۽ اوچتو ٽول انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي لتاڙ ڪندي ٽنڊوڄام تائين روڊ استعمال ڪندڙ توڙي پنج ڪلوميٽر تائين روڊ استعمال ڪندڙ مقامي ماڻهن کان به ميرپورخاص تائين جو هٿيارن جي زور تي زبردستي ٽول وصول ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ٽول نه ڏيندڙ کي تشدد جو نشانو بڻائي سري عام دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته ٽول انتظاميا کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڏيکارڻ باوجود به ٽول انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي صاف چئي رهي آهي ته ڀلي سپريم ڪورٽ هليا وڃو اسان پورو ٽول وصول ڪنداسين. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺي سپريم ڪورٽ جي بئنچ طرفان ڪيل فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورٽ جي فيصلي جي نه مڃيندڙن خلاف توهين عدالت تحت ڪيس هلائڻ جي گهر ڪئي آهي.