حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل شاگرد جي بازيابي لاءِ وارث ۽ دوست پاران احتجاجي ريلي

حيدرآباد:- حيدرآباد مان 4 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جو پتو نه پئجي سگهيو، گهر ۾ روڄ راڙو،  کنڀي گم ڪيل  نوجوان جي وارثن، علائقي واسين سميت ٻارن پاران سندس بازيابي لاءِ  قاسم آباد جي وحدت ڪالوني ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي شاهجهان ميراڻي، اسرار احمد، نور احمد،  شهباز عباسي ۽ ٻين چيو ته 13 جنوري تي   قاسم آباد جي وحدت ڪالوني  ۾ رهندڙ شاگرد مهراڻ ميراڻي کي  کنڀي کڻي وڃڻ کان پوءِ  مسلسل گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي جان کي خطرو آهي. هنن چيو ته  مهراڻ ميراڻي  ڪنهن به قسم جي  ڏوهه ۾ ملوث نه آهي، جيڪڏهن سندس مٿان ڪو الزام آهي ته کيس  ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.