حيدرآباد مان ڪورائي مارڪيٽ جو مالڪ امير بخش ڪورائي پراسرار نموني گم

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي جي ڪورائي مارڪيٽ جو مالڪ امير بخش ڪورائي پراسرار طور تي لاپتا ٿي ويو. جنهن جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته 38 سالن جي امير بخش ڪورائي کي جمعي واري ڏينهن شام جو نامعلوم فون آيو جنهن تي هو گهران نڪري ويو ۽ پوءِ هو واپس گهر نه پهتو. پراسرار طور لاپتا ٿيل امير بخش ڪورائي ڳوٺ منٺار شورو سحرش نگر جي علائقي جو رهواسي آهي. سندس پراسرار گمشدگي متعلق هن جو سئوٽ ڌڻي بخش ڪورائي ڀٽائي نگر ۽ نسيم نگر پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته آخري ڀيرو امير بخش ڪورائي کي علمدار چوڪ وٽ ڏٺو ويو هو جتان مبينا طور هڪ گاڏي ۾ سوار ماڻهو کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪورائي مارڪيٽ ۾ سبزي ۽ فروٽ جو ڪاروبار به ڪندڙ ۽ سندس خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس وغيره داخل ٿيل نه آهي.