حيدرآباد مان نوجوان مهراڻ ميراڻي کي ساده ڪپڙا پهريل اهلڪار کنڀي ويا

 حيدرآباد:- مهراڻ علي ميراڻي کي مختلف گاڏين ۾ سوار ساده ڪپڙا پهريل نامعلوم ماڻهو ٽيڪنيڪل ڪاليج پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد وٽان سخت تشدد ڪرڻ بعد کنڀي ويا , هن کان اڳ به کيس قاسم آباد واري گهر مان اغوا ڪيو ويو هو. ٽن هفتن تائين سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس ڇڏيو ويوهو,