حيدرآباد مان نوجوان جو ٻوري بند لاش هٿ

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ هٿ پير ٻڌل نوجوان جو ٻوري ۾ بند لاش درياهه جي ڪپ تان هٿ آيو، حيدرآباد لطيف آباد واري علائقي ايئرپرٽ ٿاڻي جي حد ۾ سنڌو درياهه جي ڪپ تي ٻوري ۾ بند هٿ ۽ پير ٻڌل پراڻو ڳريل لاش هٿ اچڻ واري اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال ۾ پهچايو، جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.