حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جو ٽيون ڏينهن: بحثن ۾ ماڻهن جي عدم دلچسپي، راڳن تي رش

حيدرآباد:- حيدرآباد ادبي ميلي ۾ “ترجمي نگاري ۾ هار” جي موضوع تي پڻ سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر رضوان گل هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر آصف فرخي چيو ته خراب ترجمو ۽ بي معياري هئڻ رياست جي نيريٽو کي مستحڪم ڪري ٿو، ترجمونه ٿيڻ به ڏکوئيندڙ عمل آهي. ترجمي جو ڪم بنيادي آهي، جيڪو ٻولي کي مضبوط ڪري ٿو ۽ وسعت ڏئي ٿو. هن چيو ته اردو ادب ۾ ترجمي جي حوالي سان جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهو ادارن نه پر ڪجهه فردن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيو آهي. يوسف سنڌي چيو ته ترجمي نگار اهو هوندي آهي جيڪو ٻي ٻولي کان جنهن ٻولي ۾ ترجمو ڪري ان ٻولي جا خيال شامل ڪري، هن وقت وڌيڪ اردو مان ترجما ٿين ٿا، ثقافت کاتي جو حال پورو آهي، اداري ۾ ويٺل آفيسرن جو پنهنجو گروهه آهي، جيڪو چونڊ ليکڪن کان ترجما ڪرائي ٿو، جيڪي ترجما ناڪاره آهن. همسفر گاڏهي چيو ته ٻولي ۾ جدت آڻڻ لاءِ ترجما ڪيا ويندا آهن، اردو ۾ ٿيل ترجمي ۾ مذهب جي حوالي سان شيون ختم ڪيون وڃن ٿيون، پر سنڌي ۾ ٿيندڙ ترجمي ۾ هٿ ٺوڪيون خواهشون شامل ڪيون وينديون آهن. ترجمي نگاري وڌي آهي، پر معيار جي کوٽ هئڻ سبب زوال جو شڪار آهي. هن چيو ته بهتر ترجما تڏهن ٿيندا جڏهن قلمي پورهئي وارن جي سرپرستي ٿيندي. ايڇ ايل ايف ۾ “رواجي ڪارونهوار ۽ ادب” تي سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر رام اوڏ هو. ان موقعي بخش ٿلهو ڳالهائيندي چيو ته جمود جو سوال ادب سان نٿو ٺهي، رياست سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن تي هڪ هٺي قائم ڪري رکي ٿي ۽ عوام کان راضي ناما وٺي غلام ۽ محڪوم بڻائي ٿي. ماڻهن جي روحاني ۽ روحاني زندگي کي هڪ هنڌ پابند بڻايو وڃي ٿو. سماج ۾ ادب ۽ فن جو مجموعي طور تي وڏو ڪردار آهي. هر دور جون پنهنجون ضرورتون هجن ٿيون، ڪنهن شاعر جي شاعري کي نعريبازي چوڻ سٺو عمل ناهي، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ واري دور ۾ جيڪڏهن ڪنهن شاعر مزاحمتي شاعري ڪئي هجي ۽ اڄ اسان ان کي نعريبازي چئون ته اهو ڏکوئيندڙ عمل آهي. زبير سومرو چيو ته اسٽيٽسڪو کي ادب ئي ٽوڙي ٿو، رياستي ادبي جمود کي ٽوڙڻ جي لاءِ ادبي نظريا ئي هوندا آهن. رياست سان گڏوگڏ سماج جي سمورا اسٽيڪ هولڊرس ۾ به رجعت پرستي ۾ رهن ٿا، اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت حالتون خراب آهن، پر اڳ جهڙي مزاحمت موجود ناهي. ايڇ ايل ايف ۾ “سراج ۽ سنڌي ٻولي” جي موضوع تي فڪري ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر تاج جويو هو. ان موقعي تي مخمور بخاري ڳالهائيندي چيو ته ٻولي سائنسي ۽ سماجي علم آهي، سراج چيو هو ته سنڌي ٻولي مقامي ٻولي آهي، سراج جو نظريو مقامي ۽ نج سنڌيت وارو نظريو هو. هن چيو ته هن خطي جي ماڻهن کي هزارين ورهين جي تهذيب جو اعزاز حاصل آهي، ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته انهن کي پنهنجي ٻولي نه هجي. شبير ڪنڀار سنڌو تهذيب بابت پريزنٽيشن پيش ڪندي چيو ته سنڌو لکت جو 1838 نشانيون آهن، جيڪا هر هڪ نشاني گجهارت آهي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي سنڌو لکت تي تحقيق ڪوبه مقامي ماڻهو ناهي ڪري سگهيو. تاج جويو ته سنڌي ٻولي هن خطي جي شروعاتي ٻولي ٻولي آهي. جامي چانڊيو چيو ته ٻولي جو تعلق سماج ۽ زندگي سان آهي تنهن ڪري ڪنهن ٻولي کي جامد نه ڏسڻ گهرجي. ٻوليون هڪٻئي سان ملن جلن ٿيون. سراج سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏي تحقيق ڪئي. هو ثابت ڪرڻ چاهيندو هو ته سنڌي ٻولي هن خطي جي ٻولي آهي. اها ڪنهن ٻولي مان ناهي نڪتي. هن چيو ته ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ واري سازش خلاف سراج سنڌي ٻولي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو. هن جي تحقيق سنڌي ٻولي کي نوان گس ڏنا ٻولي کي پنهنجي مٽي سان جوڙيو. هن چيو ته سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد ۽ بحث ڪرڻ اڌ ڪم آهي پر مستقبل ۾ سنڌ جي جياپي وارو سوال آهي. فيسٽيول ۾ مختلف موضوعن تي ٿيندڙ ويهڪن ۾ ٻنهي هالن ۾ ٻڌندڙن جي دلچسپي گهٽ نظر آئي. ٻنهي هالن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪرسيون خالي نظر آيون، 12 وڳي کان شروع ٿيندڙ ويهڪن ۾ 5 وڳي تائين هال خالي نظر آيا.