حيدرآباد لٽريچر فيسٽول: سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ گڏيل جدوجهد جو وچن

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو پنجون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول پڄاڻيءَ تي پهتو، آخري ڏهاڙي تي مختلف موضوعن تي ويهڪون ٿيون، جڏهن ته ٿيٽر سميت راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي.  سنڌي ميڊيا کي پيش ايندڙ چلينج  بابت  ويهڪ ٿي، جنهن ۾سنڌ ٽي وي جو اينڪر پرسن فياض نائچ ماڊريٽر هو، جڏهن ته مهمانن ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو ايم ڊي اجيت ڪمار آهوجا ۽ مهراڻ ٽي وي جو سي اي او غلام نبي مورائي هئا. ان دوران ڳالهائيندي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ايم ڊي اجيت ڪمار آهوجا چيو ته سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. گھرن ۾ پنهنجي ٻارڙن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي، ڪراچي سميت وڏن شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌ ۽ سنڌي عوام جو آواز بڻجي اٿي آهي.