حيدرآباد ضلعي ۾ مدي جو بخار وبائي صورت اختيار ڪري ويو، عام دوائون بي اثر بڻيل

ٽنڊوڄام :- حيدرآباد ضلعي اندر خاص قسم جي مدي واري بخار جي وبا ڦهلجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن تي عام مدي جي بخار وارون دوائون اثر نه ٿيون ڪن. صحت کاتي حيدرآباد طرفان مدي جي بخار کان بچاءَ لاءِ صحت مرڪز ٽنڊوڄام ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ صحت کاتي حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مسعود احمد جعفري پنهنجي خطاب دوران انڪشاف ڪيو ته سال 2016 ۾ حيدرآباد ۾ مدي جي بخار جا 16 اهڙا ڪيس ظاهر ٿيا جن جي تشخيص نه ٿي سگهي، جنهن بعد سنڌ سرڪار جي سهڪار سان آغا خان يونيورسٽي طرفان سيمپل آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ليبارٽرين ۾ موڪليا ويا، جتي انڪشاف ٿيو آهي ته هي مدي جو بخار آهي جنهن جي جراثيمن ۾ تبديلي اچي چڪي آهي جنهن ڪري ان خاص قسم جي مدي جي بخار جي مريضن تي عام دوا اثر نه پئي ڪري سگهي. هن چيو ته هن وقت ضلعي حيدرآباد جي مختلف علائقن اندر خاص قسم جي مدي جي بخار جا 2045 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر عائشه ابڙو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ ۽ ڊاڪٽر رفيق احمد جلباڻي، صحت مرڪز ٽنڊوڄام جي ايم ايس ڊاڪٽر منير احمد ٿلهو ۽ ٻين پنهنجي خطاب دوران چيو ته خاص قسم جي مدي جي بخار کان بچاءَ خاطر سنڌ سرڪار طرفان پهريون ڀيرو حفاظتي ٽڪا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 18 کان 30 نومبر تائين 9 مهينن کان 15 سالن جي ٻارڙن توڙي ٻارڙين کي مدي جي بخار کان بچاءَ جا حفاظتي ٽڪا لڳائڻ جي مهم هلائي ويندي، جنهن لاءِ ضلعي انتظاميا، صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن تي مشتمل مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن. هنن چيو ته سرڪار طرفان ٻاهرين ملڪ مان گهرايل خاص قسم جي مدي جي بخار جا حفاظتي ٽڪا 10 سالن تائين اثرائتا رهندا، جڏهن ته خانگي اسٽورن تي موجود دوائون فقط ٻن سالن تائين ڪارائتيون رهي سگهن ٿيون. هنن شهرين کي حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ لاءِ ٽيمن سان مڪمل سهڪار جي اپيل ڪئي. تقريب ۾ عورتن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.