حيدرآباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، هڪ نوجوان مارجي ويو

حيدرآباد :- حيدرآباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ نوجوان عابد شيخ مارجي ويو، لطيف آباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ قائم مهر علي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو عابد شيخ مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌريون پاڙيسري آهن جن ۾ ڳالهين دوران جهيڙو ٿيو. مقتول عابد شيخ پورهيو ڪندو هو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.