حيدرآباد جي وڪيل محب آزاد کي کنڀڻ خلاف سنڌ سجاڳي فورم عوامي ورڪرز پارٽي ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس سميت وڪيلن ۽  سياسي سماجي اڳواڻن پاران مظاهرو

حيدرآباد جي وڪيل محب آزاد کي کنڀڻ خلاف سنڌ سجاڳي فورم عوامي ورڪرز پارٽي ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس سميت وڪيلن ۽  سياسي سماجي اڳواڻن پاران مظاهرو ڪيو ويو آهي. ڄامشوري جي وڪيلن عدالتن جو به  بائيڪاٽ ڪيو ۽ وڪيل محب لغاري جي آزادي لاء سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايڊوڪيٽ مير احمد منڱريو، ايڊوڪيٽ اعجاز اعواڻ ۽ ايڊوڪيٽ نورالامين سپيو، فهيم انڙ، نثار چانڊيو تاج جويو سارنگ جويو سهڻي جويو ۽ ٻين چيو ته وڪيل محب لغاري کي آزاد نه ڪيو ويو ته ڊگهي جدوجهد جو آغاز ڪيو ويندو