حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني مان پراسرار طور تي ڀيڻ سان گڏ گم ٿي ويل نينگر مبينا طور قتل

حيدرآباد :- حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني مان پراسرار طور تي ڀيڻ سان گڏ گم ٿي ويل نينگر مبينا طور قتل، زخمي حالت ۾ مليل نينگر اسپتال ۾ دم ڏنو، گذريل ڏينهن جي او آر ڪالوني جي الم چوڪ بابن شاهه ڪالوني وٽان 2 معصوم ڀاءُ ڀيڻ پراسرار طور تي گم ٿي ويا هئا جن مان 10 سالن جو قادر بخش سيال زخمي حالت ۾ ايئرپورٽ پوليس کي هٿ آيو هو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ساڻس گڏ گهران نڪتل سندس 9 سالن جي ڀيڻ رخسانه عرف رڪو جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. بعد ۾ ايئرپورٽ روڊ وٽان زخمي حالت ۾ هٿ آيل ٻارڙو زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. نينگر جي فوت ٿيڻ ۽ نينگري جي گمشدگي سبب سندن گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ٻارڙا شام جو کير وٺڻ لاءِ گهران نڪتا هئا ته اوچتو گم ٿي ويا. سندن وارثن ٻارڙن جي گهڻي ئي ڳولا ڪئي پر کين ٻارڙا هٿ اچي نه سگهيا. رات دير سان جي او آر پوليس جي هڪ سپاهي واٽس ايپ گروپن تي هليل زخمي ٻار جي تصوير کڻي بابن شاهه ڪالوني پهتو جتي انتظار سيال نالي همراهه نينگر جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو سندس پٽ آهي. ان دوران ئي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ته زخمي حالت ۾ هٿ آيل نينگر سان سندس ڀيڻ 9 سالن جي رخسانه به گڏ هئي جنهن جو پتو نه پيو آهي. وارثن شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن محمد عثمان بنگالي ۽ ساجد نوحاڻي کي پوليس جي حوالي ڪيو پر پوليس جي تحويل ۾ ورتل انهن ماڻهن ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نينگر جي پيءُ انتظار جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي ڪافي ڳولا بعد پوليس اچي ٻڌايو ته قادر زخمي حالت ۾ مليو آهي، اسپتال ۾ پٽ ٻڌايو ته عثمان بنگالي اسان کي وٺي ويو هو، مزاحمت ڪرڻ دوران هن مونکي پيٽ ۾ خنجر هنيو، پٽ روئيندي ٻڌايو ته مان ڀيڻ کي بچائي نه سگهيس، اوهان ان کي بچايو، معصوم پٽ تي ويو، هاڻي معصوم نياڻي ته واپس ڪرائي ڏيو، الائي ڪهڙي حال ۾ هوندي. ان سلسلي ۾ ايئرپورٽ جي پوليس چوڪي جي انچارج سب انسپيڪٽر ملڪ جاويد اقبال ٻڌايو ته نينگر سخت زخمي حالت ۾ هٿ آيو هو. کيس پيٽ ۾ ڇري لڳل هئي. هن مشڪل سان پنهنجو ۽ پنهنجي پيءُ جو نالو ٻڌايو جنهن کانپوءِ اسان سندس وارثن کي تلاش ڪيو. هن ٻڌايو ته ايئرپورٽ جي سموري علائقي ۾ نينگري جي ڳولا ڪئي وئي پر هو ڪٿي به هٿ نه آئي آهي.