حيدرآباد تبليغي مرڪز ۾ ترسيل 31 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق

حيدرآباد :- قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي واري علائقي ۾ قائم تبليغي مرڪز ۾ ترسيل 193 ماڻهن جي ٽيسٽ بعد 31 ڄڻن کي ٽيسٽ بعد ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته باقي ماڻهن جي ٽيسٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي. لياقت يونيورسٽي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مظفر علي ڪلهوڙو تصديق ڪندي ٻڌايو ته تبليغي مرڪز مان ورتل ٽيسٽن جي نمونن مان 31 ماڻهن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي جن کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق بعد ضلعي انتظاميا قاسم آباد پوليس سان گڏجي 193 ماڻهن مان 156 ماڻهن کي حفاظتي اپاءُ وٺندي ايمبولنس ذريعي قرنطينه سينٽرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان روڊ تي قائم ليبر ڪالوني ۾ 83 ڄڻا، راجپوتانه ۾ 63 ۽ 10 ڄڻن کي ڪوهسار قرنطينه سينٽر ۾ رکيو ويو آهي جن مان رپورٽ اچڻ بعد 31 ڄڻن کي سول اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. قاسم آباد پوليس جو چوڻ آهي ته تبليغي مرڪز ۾ باقي 38 ڄڻا اڃا مسجد ۾ موجود آهن جن کي اڄ لاڳاپيل سينٽرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل تبليغي مرڪز ۾ ٽوٽل 210 ماڻهو موجود هئا جنهن مان پهرين تازو مسلمان ٿيل هڪ چيني شخص کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي جنهن بعد تبليغي مرڪز کي پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ صحت کاتي جي ٽيم 2 ڏينهن لڳاتار ڪوششون ڪري تبليغي مرڪز ۾ موجود سمورن ماڻهن جي اسڪريننگ وارو مرحلو مڪمل ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن هڪ ڄڻي کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو هو. هن جي به ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو آئي هئي جنهن کانپوءِ تبليغي مرڪز سان تعلق رکندڙ 33 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.