حيات پتافي ۾ عورت پراسرار فوت: مڙس تي تشدد ذريعي مارڻ جا چوٻول

حيات پتافي :- حيات پتافي ويجهو ڳوٺ بهادر تمراڻي ۾ هڪ سال اڳ غلام قادر تمراڻي سان شادي ڪندڙ عورت بانون خاتون گذريل رات پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي ٻڌايوپيو وڃي مائي بانون خاتون پنجاب جي رهواسڻ هئي جيڪا دارلامان مان ڪنب واسي دلال غلام حسين تمراڻي معرفت دارالامان مان نڪري غلام قادر تمراڻي سان پرڻو ڪيو هو ٻئي طرف عورت جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي جروار پوليس ڳوٺ بهادر تمراڻي پهچي ڪري عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو اسپتال کڻائي وئي جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت بانو مائي کي مڙس غلام قادر زال تي تشدد ڪري ڪنب واسي دلال سندس مائٽ غلام حسين وٽ موڪليو هو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مائي بانو جي مڙس غلام قادر تمراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي گهر واري مائي بانون 2 ڏينهن اڳ ڪنب ۾ منهنجي مائٽ غلام حسين تمراڻي جي گهر وئي هئي جتي هو اچانڪ بيمار ٿي پئي ۽ بيماري سبب فوت ٿي وئي آهي فوتي عورت جو لاش رات غلام حسين مون وٽ پهچايو آهي گهر واري تي ڪو به تشدد ناهي ڪيو تشدد جا الزام بي بنياد آهن ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي جروار پوليس ٻڌايو ته عورت جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي اسان اتي پهتاسين جنهن بعد اسان عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪنداسون هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو اسپتال جي ايم ايس صادق شاه ٻڌايو ته ليڊي ڊاڪٽر مائي بانو جو پوسٽ مارٽم ڪيو آهي ظاهري طور سندس جسم تي ڪو به تشدد ظاهر ناهي ٿيو اسان وڌيڪ جزا روهڙي موڪليا آهن جتان فائينل رپورٽ ايندي ته عورت تشدد سبب يا بيماري سبب فوت ٿي وئي آهي.