حوا ڄاين جو رت وهائڻ جو سلسلو جاري:قمبر ڀرسان ڪارنهن بهتان هيٺ ٻه عورتون قتل،جوابدار فرار

قمبر :- قمبر جي صدر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪيهر مغيري ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام ۾ پسٽل جا فائر ڪري 23 سالن جي نصيبان خاتون زال مولا بخش مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي قمبر جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو اهڙي واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي تي سرڪار طرفان سب انسپيڪٽر خادم جاگيراڻي جي فرياد تي مقتوله عورت جي سئوٽ منير مغيري، بشير مغيري، رجب مغيري خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي جڏهن ته ٻيو واقعو ساڳي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪجلو خان مغيري ۾ پيش آيو جتي ڏير مٺل مغيري گهر اندر بندوق جا فائر ڪري پنهنجي 30 سالن جي ڀاڄائي زرينه مغيري زال جمن مغيري کي قتل ڪري واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته هن واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هيو جڏهن ته پوليس ڪارنهن جي ٻنهي واقعن جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي