حميد سنڌي جو وڇوڙو ۽ ڪهاڻين جي اُداسي : ليکڪ مير نادر علي ابڙو

                         سنڌي ٻولي جو بهترين ڪهاڻيڪار تعليمي ماهر حميد سنڌي اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر سنڌي ادب ۽ سماج لاءِ سندس جيڪي ڪاوشون رهيون، تن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. پاڻ پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. حميد سنڌي بنيادي طور تي سادگي پسند ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ انتهائي پيارو ماڻهو هو، جيڪو اڄ هڪ ماضي جي ياد بڻجي رهجي ويو آهي. منهنجو ساڻس تعلق تمام گهرو رهيو، سندن رهنمائي هميشه منهنجي ترقي ۾ وڏي اهميت ڀري رهي آهي. حميد سنڌي 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ سيٺ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي، اصل نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ هو، جيڪي نوشهروفيروز جا رهندڙ هئا. حميد سنڌي پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن زرعي اقتصاديات جي مضمون ۾ ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي. 61-1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسير مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽو توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1966 کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين، بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سنڌالاجي طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين، ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل بزم، روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون مشاعرا ۽ ٻيا علمي ادبي پروگرام منعقد ڪندو رهيو. 1960ع ڌاري ادبي مخزن روح رهاڻ جاري ڪيائين، ان سان گڏ مارئي ۽ لطيف ڊائجسٽ جو ايڊيٽر ۽ نئين زندگي مئگزين جو صلاحڪار به رهيو آهي. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام پوءِ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر مقرر ڪيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر بيور آف ڪريڪيولم 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين ۽ 1997ع کا 1998ع تائين سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين رهيو. حميد سنڌي سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ارشد حميد ڀاءُ شمس الحق ميمڻ، هڪ بيواهه 2 نياڻيون پوٽو سلمان ارشد مٽن مائٽن سميت ادب ۽ ٻولي سان چاهه رکندڙن کي ڇڏيو آهي.

حميد سنڌي ادب کي ڪهاڻين ۽ مختلف موضوعن تي 11 بهترين ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ ڪهاڻين جو مجموعو (سيمي اداس واديون، ويريون ڪهاڻيون، راڻا جي رجپوت، سوني زنجير ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان سواءِ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ مختلف سرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي. ان سلسلي ۾ لطيف جا سُر به ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. حميد سنڌي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو، جيل به ويو، روح رهاڻ رسالو ڪڍيائين، جنهن تي پابندي پئي ۽ ان زماني  ۾ 32 هزار روپيه ڏنڊ وڌو ويو. شيخ اياز روح رهاڻ رسالي کي ننڍي کنڊ جو وڏو رسالو قرار ڏنو هو. حميد سنڌي کي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ/ اعزاز پڻ مليا، جن ۾ عبدالطيف ايوارڊ، تمغه امتياز ۽ صدارتي ايوارڊ سميت ٻيا انيڪ اعزاز شامل آهن.

حميد سنڌي جي ادبي تنظيم بزم روح رهاڻ پاران جيڪي ادبي ميڙاڪا هر آچر ڏينهن تي حيدرآباد ۾ ٿيندا هئا سي رهاڻيون هتان جي اديبن لاءِ هميشه اهميت ڀريون رهيون آهن، پاڻ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي انتهائي ويجهن دوستن منجهان هئا ۽ بابا سائين جون هر سال ورسيون ۽ سالگراهون بزم روح رهاڻ پاران نه صرف ملهائيندا هئا پر انهن پروگرامن ۾ اسان جي پوري فيملي کي خصوصي طور تي دعوت ڏئي مدو ڪندا هئا. پاڻ تمام پيارو ۽ بي پناهه خوبين جو مالڪ هو، سندس ڪهاڻين ۾ جيڪا جادوگري ڏسي سگهبي هئي سا ورلي ڪنهن ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي ۾ نظر ايندي هئي. سندس ادبي تخليقون خاص طور تي ڪهاڻيون سنڌي ادب لاءِ جيون دان برابر هيون. پاڻ جيترو به لکيو ۽ ادبي ميدان ۾ جيڪي ڏينهڙا گذاريا سي ڪنهن به موڙ تي وساري نٿا سگهجن. بنيادي طور تي هن جي تخليق ۾ جماليات ۽ خيالن جي عڪس بندي انتهائي خوبصورت لفظن سان ڪيل هوندي هئي. سماج ۾ سمورن اخلاقي قدرن کي هن هٿي ڏيڻ سان گڏ غير اخلاقي حرڪتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهايو، هو چاهيندو هو ته سمورا سماج هڪ جهڙا ۽ سهڻا هجن، جتي ڪنهن به ماڻهو سان ڪنهن به قسم جي زيادتي نه ٿئي. سڀئي ماڻهو برابري واري زندگي گذارين، محبتن جا صفير بڻجن. هو دنيا جي سماجن کي سامهون رکي پنهنجي جذبن امنگن ۽ احساسن ۽ تمنائن جو ڀرپور اظهار ڪندو هو. تخليڪار نه رڳو امن پسند ذهن رکندو آهي هن ساڻ هو امن جو پرچار به ڪري ٿو هو بنيادي طور تي امن جو رکوالو هو ۽ جنگن جهيڙن جهٽن فسادن کان تمام گهڻي نفرت ڪندڙ هو. هن جو سمورو جيون انسانيت ذات تي پيار ڪندي نڇاور ٿي ويو ۽ هوانسانيت جي ترقي لاءِ شروع کان ويندي آخر تائين سرگرم رهيو هو. هن جي تخليق ۾ تحقيق به شامل هئي ۽ هن جو لکڻ، ڳالهائڻ ۽ لفظ تاريخ بڻجي ويا آهن. هن سماج ۾ اڻبرابري خلاف بغاوت ڪئي ۽ سماج ۾ انسانيت جي بقا لاءِ پنهنجو ڪردار نڀايو اهڙا ماڻهو تاريخ ۾ ٿورڙا هوندا آهن، جيڪي حميد سنڌي جيان سوچن ٿا. انهن جون سوچون به سمنڊ جي لهرن وانگي هونديون آهن، جيڪي لهرون ڪنارن تي پهچندي پهچندي سماج ۾ اهي سنديسو ڏيئي وينديون آهن ته هي نفرتون ۽ دشمنيون ڇڏي پاڻ ۾ پيار ۽ پريت سان جيون گهاريو، هن جي زندگي به هڪ محبتن جو گلدستو هئي ۽ هر گل جي خوشبو پنهنجي هئي ۽ انهيءَ خوشبوءِ جو احساس ڪيڏو نه خوبصورت هو، اڄ توڻي جو هو اسان ۾ ناهي رهيو پر هن جو ڪردار ۽ ڳالهيون ڪيئن ٿيون وساري سگهجن. آئون جڏهن به ملڻ لاءِ ويندو هئس ته هو انتهائي پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ مونکان پڇندو هو ته نادر پٽ ڪيئن پيو هلي زندگي جو ڪاروبار، هن جو هر سوال پنهنجائپ جيان هوندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪو پنهنجي وڏي سان حال پيو اوريان. هن جون يادون ۽ خيال آئون ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان. هو ڇا ته ماڻهو هو، تخليڪار کان هٽي ڪري به سنڌ ۾ تعليم جي ميدان ۾ جيڪي خدمتون پنهنجي ڄمار ۾ ارپنا ڪري ويو تن کي ڀلا ڪير وساري سگهندو. سندس جو وڇوڙو سنڌي ادب سميت سنڌ لاءِ تمام وڏو نقصان آهي، جنهن جوازالو ڪرڻ مشڪل نه پر نا ممڪن آهي. اڄ سنڌي ڪهاڻي اداس آهي، ڇو جو سنڌي جديد ڪهاڻي جو سرجڻهار اهڙي پار هلي ويو آهي جتان ڪير موٽڻو ناهي.