حمل جو ڊرامو ڪري جهاز ۾ واڌو سامان کڻي ويندڙ مسافر پڪڙجي پئي

ڪراچي : ڪجهه وقت اڳ هڪ عورت هوائي سفر دوران واڌو سامان جي في کان بچڻ لاءِ ڪيترائي ڪپڙا پهري ورتا هئا پر هاڻي هڪ ٻي عورت اهڙي مسئلي جو حل انوکي نموني ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آسٽريليا سان واسطو رکندڙ سفري مصنف ربيڪا اينڊريوز واڌو سامان کڻي وڃڻ لاءِ فرضي حمل جو سهارو ورتو. انسٽاگرام پوسٽ تي عورت لکيو ته حاملا عورتن کي 60 ڊالرز جي بچت هوندي آهي، جڏهن اوهان واڌو سامان تي في ادا ڪرڻ نه چاهيندا. هن اهڙي پوسٽ۾ وڊيو اپ لوڊ ڪندي وضاحت ڪئي ته اهو ڪم هن ڪيئن ڪيو ۽ گهڻو سامان لباس ۾ ائين ڀريو جنهن سان پيٽ حاملا عورتن جيان نظر اچڻ لڳو. پر اهي سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون ڇو ته فضائي عملي کيس پڪڙي ورتو. عورت موجب اها بس سندس غلطي هئي هو جهاز تي سوار ٿيندڙ آخري مسافر هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو عملي ۾ شامل سڀني ماڻهن جون مٿس کتل هيون. هن ٻڌايو ته جڏهن مان فرضي حمل جو ڊرامو ڪندي هلڻ لڳيس ته ٽڪيٽ ڪري پئي ۽ ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر مون ڏانهن نهاريو. جڏهن مان ٽڪيٽ کڻڻ لاءِنوڙيس ته چيلهه ۾ ٻڌل ليپ ٽاپ نظر اچي ويو. اهڙي نتيجي ۾ ربيڪا کي 60 ڊالرز ادا ڪرڻا پئجي ويا پر سي اين اين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هو اهڙي واقعي تي بلڪل شرمسار ناهي. ربيڪا چيو ته منهنجي خيال ۾ هڪ عورت کي حق آهي ته هو جيڪو چاهي پنهنجي جسم سان ويڙهي کڻي اهو ليپ ٽاپ هجي يا ڪوڙي حمل جو ڊرامو هجي. عورت جي مرضي آهي جيئن وڻي تيئن ڪري. پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ۾ هن لکيو ته اهڙو ٻيهر ڪرڻو پيو تڏهن به نه گهٻرائينديس.