حب الوطني جو ڪردار “مارئي” صديون گذرڻ باوجود اڄ به اتساهه جو ڪارڻ بڻيل

ننگرپارڪر:- حُب الوطني ۽ پاڪ دامني جي عظيم ڪردار ٿرپارڪر جي سڃاڻپ مارئي جي جنم ڀوميءّ ڀالواھ تي گذريل ستن سالن کان ميلو نه لڳي سگھيو، ٿرپارڪر جي تاريخي ڳوٺ ڀالواھ کي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو مارئي جي کوھ تي ثقافت پاران قائم ٿيل چونئرن تي لڳل کپ ڪيتري عرصي کان لهي وئي ۽ چوداري تان ڪيتري سالن کان رڳ اڏري ويو دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ کان ايندڙ هزارين سياح کي راش نه ملڻ ڪري ڏکائين کي منھن ڏيڻ لڳا، مارئي جھڙو ڪردار دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي جنھن کي وڏن شاعرن لطيف سرڪار جھڙي هستي ڳايو آهي اهڙي تاريخي مارئي جي کوھ تي گذرتل ستن سالن کان ڪابه ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيو مارئي جي کوھ تي مٺي پاڻي جي سهولت فراهم ناهي سندس کوھ جو پاڻي کارو هئڻ ڪري دنيا کان ايندڙ سياح کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن اهڙي وطن پرستي جي عظيم ڪردار تي هر سهولت فراهم ڪئي وڃي جيئن سياح کي مشڪلاتون نه پيش اچن ننگرپارڪر ۾ آباد هڪ ننڍڙي نگري جي ڳوٺ ڀالواھ ۾ ساڍا ڇئسو سئو سال قبل جنم وٺندڙ حب الوطني جي امر ڪردار مارئي جنهن نه  صرف ديس سان محبت رکي بلڪہ وقت جي حاڪم عمر سومرو جي محل ماڙين زيورن جي هر آڇ کي ٿڏي پنهنجي اباڻي لوئي نه  لڄائي غيرت جي علمبردار ۽ عزت جي لڄپال مارئي جي بيمثال ڪردار ۾ انسان ذات لاءِ وڏو سبق سمايل آهي پنهنجي مال، مٽي ماءُ ۽ مارُن سان بي پناه محبت رکندڙ مارئي جنهن جو سندس ئي جنم ڀومي ڀالوا جي ڳوٺ ۾ اوائلي دؤر کان پٿرن تي ٻڌل هڪ پراڻو کوه به آهي جتي مارئي پاڻي ڀرڻ سان گڏ پنهنجو چوپايو مال به پياريندي هئي،ان کوه کي ڏسڻ لاءِ مارئي سان محبت رکندڙ ان جا پانڌيئڙا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ هر سال مينهوڳي موسم ۾ تفريح لاء ٿر ايندا آهن پر ثقافت کاتي سستي سبب مارئي جي کوھ تي ايندڙن سياح کي راش نٿي ملي گذريل ستن سالن دورانن مارئي جي جنم ڀومي ڀالواھ تي ثقافت کاتي پاران ميلو منقد ناهي ڪرايو ويو ڳوٺاڻن چيو اسين مارئي جي ديس مارئي جي جنم ڀومي ڀالواھ جا رهواسي آهيون اسين وس وارن کي خصوصہً ثقافت کاتي واري منسٽر سردار شاھ جن کي اهو اپيل ٿا ڪريون ته خدارا مارئي جو ميلو صرف مارئي جي جنم ڀومي ڀالواھ تي ئي لڳايو وڃي.ته جيئن ميلي جون سلسليوار رونقون دوران ٽي ڏينهن برقرار رهن.