جي ڊي اي طرفان ارڙهين ترميم ۾ تبديليءَ جي حمايت، عذرا پيچوهو کان استعيفيٰ جو مطالبو

ڪراچي :- جِي ڊي اَي 18هين ترميم ۾ تبديلي جي حمايت ڪندي صحت وارِي وزير عذرا پيچوهو کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي سنڌ سرڪار جِي نااهلي سبب هاڻي هر گهر مان ڪورونا ظاهر ٿي رهيو آهي. نصرت سحر عباسي، سردار رحيم، حسنين مرزا، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سرڪاري اسپتالن جِي حالت انتهائي خراب آهي، جنهن جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، وزير رڳو پنهنجِي تعريفن ۾ رڌل آهن، جِي ڊي اي اسٽيل ملز خانگائڻ وارَي وفاقي سرڪار جَي فيصلي جِي مخالفت ڪري ٿي، سنڌ سرڪار جِي نظر اسٽيل ملز جِي زمين تي آهي. نصرت سحر عباسي چيو آهي ته 18 هين ترميم ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي، ان سان صوبي کي ڪهڙو فائدو ٿيو رڳو ڪرپشن ڪئي وئي، صوبائي حڪومت جي نااهلي بعد وفاق مداخلت ڪندو آهي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ماڻهو گهر کپائي خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائن پيا، ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائي عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي