جي يو آءِ (ف) جي اهم اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر حافظ حمد الله جي پاڪستاني شهريت رد

اسلام آباد :- نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي يو آءِ (ف) جي اهم اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر حافظ حمد الله جي پاڪستاني شهريت رد ڪري ڇڏي.پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب نادرا جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳوڻي سينيٽر حافظ حمد الله جي شهريت ختم ڪندي کيس پرڏيهي شهري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.نادرا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته حافظ حمد الله پاڪستان شهري ناهي، نادرا سندس قومي سڃاڻپ ڪارڊ به رد ڪري ضبط ڪري ڇڏيو.نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي جي آگاهي تي پيمرا ٽي وي چئنلن تي حافظ حمد الله جي ڪوريج تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي نوٽيس ۾ ٽي وي چئنلن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حافظ حمد الله کي پروگرامن ۽ ٽاڪ شوز ۾ نه گهرايو.