جي يو آءِ جو آزادي مارچ ڪراچي کان شروع، وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: فضل الرحمان

ڪراچي :-  ڪراچي کان نڪتل جي يو آءِ جو آزادي مارچ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. اپوزيشن پارٽيز نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ واري مطالبا تان هٿ نه کنيو ويندو، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ ئي ملڪي مسئلن جو حل آهي.جي يو آءِ ف طرفان اعلانيل آزادي مارچ ڪراچي کان شروع ڪيو ويو آهي. اُن سلسلي ۾ سهراب ڳوٺ ۾ جلسو ڪيو ويو، جتي جي يو آءِ سان گڏ پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ اي اين پي سوڌو ٻين اپوزيشن پارٽيز جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڪنٽينر تي اپوزيشن پارٽيز جا اڳواڻ به موجود آهن. جلسي کي خطاب دوران جي يو آءِ ف سوڌو اپوزيشن پارٽيز طرفان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي شاهي سيد چيو ته اسان کي ڪشمير سان گڏ پاڪستان کي به نااهل ۽ نالائق حڪومت کان آزاد ڪرائڻو آهي. 27 آڪٽوبر سان گڏ 27 جولاءِ تي به ٿيل ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان جو سڄو نظام اِن ظلم ۾ ملوث آهي، عدليه احترام جوڳو ادارو آهي پر معذرت سان اُها به هِن ظلم ۾ برابر جي شريڪ آهي. عوام تي نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪمران مڙهيا ويا، اها جمهوري حڪومت نه آهي. پاڪستان کي بچائڻو آهي ته اپوزيشن کي متحد ٿيڻو پوندو.آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته هو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي مارچ ۾ شامل ٿيا آهن، مارچ ۾ شامل ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي هر جاءِ تي پيپلز پارٽي طرفان آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄ ڪشمرين تي بي انتها ظلم ٿي رهيو آهي، افسوس آهي جو امت مسلمه اُن تي خاموش آهي. هو ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، پنهنجي ملڪ ۾ به ظلم ۽ حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي. موجوده سليڪٽيڊ حڪومت پاڪستان کي عالمي سرمائيدارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. دل شرم وچان روئي رهي آهي جو اڄ پاڪستان جا مالي معاملا آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي.آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ محمد زبير چيو ته سندن جماعت مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ ڀرپور نموني شريڪ آهي. هي قافلو جڏهن اسلام آباد پهچندو ته لکين ماڻهن جي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو، اپوزيشن جماعتون عوام جي وسيلن جي واپسيءَ تائين خاموش نه ويهنديون. هُن چيو ته موجود حڪومت وڌيڪ 6 مهينا به رهي ته اسٽيل ملز به نه رهندي. موجوده مسئلن جو حل عمران خان حڪومت جي استعيفيٰ ۽ نئين سر چونڊون ڪرائڻ ۾ آهي. مارچ اسلام آباد تائين پهچڻ لاءِ عمران خان وٽ وقت آهي، تيستائين پاڻ سوچي ۽ فيصلو ڪري.سهراب ڳوٺ ۾ آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام تي ظلم ٿئي ۽ اسان خاموش رهون، ائين قطعي نه ٿيندو. اسان ڪشمير جي حوالي سان موجوده حڪومت جي معاهدن ۽ سوديبازي کي تسليم نٿا ڪريون. ڪشمير جي آزادي لاءِ جنگ ڪندڙ مجاهدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪمرانن چيو هو ته هيترا ماڻهو گڏ ڪيو ته پوءِ استعفيٰ ڏيندا، ڪراچي ۾ ڏسو ته ڪيترا ماڻهو گڏ ٿيا آهن، هاڻي جڏهن سموري ملڪ جا ماڻهو گڏ ٿيندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ عمران خان کي گهر وڃڻو پندو ۽ سندس استعيفيٰ واري مطالبا تان هٿ نه کڻنداسين..حافظ حمد الله جي شهريت ختم ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته قوم اسلام آباد ڏانهن وڃي رهي آهي ته حڪمرانن کِل جوڳا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جِن جو مقصد ڪارڪنن کي چڙ ڏيارڻ آهي.ٻڌايو وڃي ته معين قريشي ۽ شوڪت عزيز ڪهڙن ملڪن جا شهري آهن، جِن کي پاڪستان جو وزيراعظم بڻايو ويو. جيڪو ماڻهو نسلن کان قوم جي خدمت ڪري رهيو آهي، اُن کي افغاني قرار ڏنو ويو آهي. نادرا ۽ پيمرا کي شرم اچڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪمرانن ڪشمير جو سودو ڪيو، جنهن کي سختيءَ سان رد ڪريون ٿا، اسان هر صورت ۾ اسلام آباد تائين مارچ ڪنداسين، ڇا عوام اسان جو ساٿ ڏيندو؟ موجوده حڪمران جبري طور ۽ ڌانڌلي جي بنياد تي اقتدار ۾ آيا آهن، سندن اسعيفيٰ واري مطالبا تان هٿ نه کنيو ويندو.ڪراچي جي سهراب ڳوٺ کان اسلام آباد لاءِ شروع ٿيل آزادي مارچ جي قافلي کي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.جنهن بعد مارچ حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو ۽ اُتي پهچڻ تي پ پ اڳواڻن سينيٽر مولا بخش چانڊيو، عاجز ڌامراهه، احسان ابڙو، عامر لغاري ۽ ٻين سوين ڪارڪنن سان سندن شاندار آجيان ڪئي جڏهن ته باءِ پاس تي مسلم ليگ نون جي اڳواڻن ڪليم شيخ، جمال عارف سهروردي جي اڳواڻي ۾ ليگي ڪارڪنن آزادي مارچ جو گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو. مارچ جي حمايت ڪندڙ پ پ ۽ نون ليگ پارٽين پاران استقبالي ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون. ان موقعي تي هٽڙي باءِ پاس تي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته آزادي مارچ عوام جي عمران خان مان نجات جو مارچ آهي.  موجوده حڪمرانن ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي حڪمران ملڪ ۽ عوام جي مٿان غير قانوني طريقي سان ٿاڦيل آهن. جن کي هاڻ گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ عوام کي نجات ڏيارڻ جو عزم ڪري آزادي مارچ جو جهنڊو بلند ڪر چڪا آهيون. هن چيو ته هاڻي ملڪ جو عوام اهڙن نااهل حڪمرانن کي  وڌيڪ برداشت نه ڪندو. ان ڪري  حڪمرانن کي گهرجي ته اهي پاڻمرادو استعيفائون ڏئي گهر هليا وڃن پر حڪمران  شرافت سان وڃڻ نٿا چاهن. ان ڪري سڄي ملڪ جو عوام اهڙن حڪمرانن کي اقتدار جي  ڪرسي خالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر خبر ناهي ته ڇو حڪمران شرافت جي ٻولي نٿا سمجهن. هن چيو ته هاڻي گهڻو ٿيو. عوام غير جمهوري غير آئيني ۽ غيرقانوني طريقي سان مڙهيل حڪومت کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي قوت نٿو رکي. حڪمرانن کي واضع ڪريان ٿو ته جتي آهيو اتي بيهي رهو. نه ته اڳتي هلي سينو اسان جو هوندو ۽ گولي توهان جي هوندي.مولانا فضل الرحمان جي مختصر خطاب بعد قافلو حيدرآباد کان پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو