جي تو اڃا نه ڄاتو!! سنڌي سماج ۽ اُن جا مختلف رُخ ــ ليکڪ نور احمد جنجهي

سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي هڪ تهذيب، ثقافت ۽ ٻهڳڻ ڌرتيءَ جي روپ ۾ موجود آهي ۽ اهو وجود ڪڏهن گهٽجندو ته ڪڏهن وڌندو رهي ٿو ۽ سنڌ جي هر جڳ جٽادار حُسناڪي ٻاهرين ۽ ڌارين حڪمرانن توڙي ڦورن ۽ لُٽيرن کي ڇِڪيندي رهي آهي. ڪيئي ڪلنگيدار هتي ڪهي آيا ۽ ڪوس ۽ ڪيس ڪري راڄ قائم ڪيائون پر سندن راڄ جو قائم ڪيل ڪاڄ وقت جي وير جي سٽ سهي نه سگهيو ۽ وقت جي اُن وير ۾ اُڏامي واءُ ٿي ويو ۽ تاريخ جي ٻني جي سونهن ٿي، حڪمرانن لاءِ عبرت جو سامان بنجي سندن اکين ۾ اڄ به گهوري رهيو آهي ۽ کين ياد ڏياري رهيو آهي ته حڪومتون ۽ حڪمرانيون اچڻيون وڃڻيون آهن. حاڪميت جو هوڪو ۽ زور جو ڌوڪو وقت جو ڌڪ جهلي نه سگهندو آهي ۽ سڪندر مقدومي جهڙا حڪمران جن دُنجا جا 3 حصا فتح ڪيا هُئا، پر اڄڪلهه سندن قبر جي تلاشي ۾ آرڪيالاجيءَ جا ڪيئي آهيڙي سرگردان آهن، پر ڪٿي به اُن جو پڪو ٺڪو پتو نٿو لڳي. اهڙي صورتحال کي محسوس ڪندي سنڌيءَ جي ڀلوڙ شاعر شيخ اياز ڪجهه هن ريت فرمايو آهي:

جي تو اڃا نه ڄاتو، ته آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي،
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
هوڏس کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.

سڪندرن ۽ دارائن جو اچڻ جٽادار ناهي، سيوهڻ اُن کان وڌيڪ جٽادار آهي. سيوهڻ واسي وڌيڪ جٽادار آهن چرٻٽ کي چريو چرٻٽ چئي ”چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا“ جهڙا پهاڪا گهڙي اُن تي ٺٺوليون ڪيون ويون ۽ اسان جي اهڙن چرٻٽن جي حڪومتن جا به تختا ڪڍيا ويا ڇو ته اُنهن عوام جي ڀلي لاءِ هر شئي کي ”ٽڪي ڌڙي“ يا ”ٽڪي سير“ بنائي ڇڏيو هو. ڪاهي ايندڙ ڪنهن به نالي وارن همراهن کي اسان جا چرٻٽ به نه وڻيا ۽ ويچارن کي ٺٻڙ ٻڌائي ويا.
سنڌ جي ڌرتي ڏونگرن، سنون سنواٽن سرسبز ميدانن ۽ ٿرن تي مشتمل اهڙو خطو آهي جنهن جتي سنڌو نديءَ جهڙي هاڪاري ندي هزارين سالن کان وهندي رهندي آئي آهي، درياهه پار ڪري ٻيڙين تي چڙهي به هتي ڪيترائي ڌاريا آيا ڦرلٽ ۽ قبضا ڪيائون ته ڪي ٽولا ۽ قبيلا جبلن جي ڪنڌي ڪُڏي هتي آيا ۽ امن جي هن هندوري کي پنهنجي مجرماڻي ثقافت سان اچي ميرو ڪيائون ۽ اُن ميراڻ سنڌ Body Politic کي اهڙو داغدار بڻايو جو اسين اڄ به اُن جا ناسور چٽي رهيا آهيون ۽ اُن ثقافت جي ڪري سنڌ جي ڏيهان ڏينهن بدنامي به ٿي آهي. جيتوڻيڪ سموري دُنيا ۾ اوڻايون ۽ خاميون ۽ سماجي برايون بڇڙيون آهن، جن کي اُتان جا ماڻهو ۽ سرواڻ سُڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن، جيئن ڌرتي امن جي نڪور نيري نرواڻ واري ماحول ڏانهن منطقي پنڌ ڪري پنهنجو ماڳ تي پهچي ۽ دُنيا جي اڳڀرين قومن جي قطار ۾ بيهي سگهي.
جڳن کان وٺي اهڙين ڪاهن ۽ هلائن جي اثرن جي ڪري سنڌي سماج جيڪو سفر طئه ڪيو آهي، تنهنجي نتيجي ۾ جتي سماج اچي پهتو آهي ۽ موجوده شڪل ۾ نروار ٿيو آهي تنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ چيد ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان جي سماج جا مختلف رُخ ۽ پهلو نروار ٿين اُنهن تي بحث مباحثو ٿئي، سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مامرن جي اوک ڊوک ڪئي ڪئي وڃي سنڌي سماج ۾ موجود ناڪاري لاڙن کي ختم ڪيو وڃي يا گهٽايو وڃي ۽ انهيءَ سموري بحث مباحثي مان متان ڪا اهڙي راهه نڪري اچي جيڪا سنڌ جي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي ۽ سماج ۾ سَرهائي پيدا ٿئي باقي ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جهڙا مايوس ڪندڙ سوال اُڇلائي مايوس ٿي طبقي ۾ وڌيڪ مايوسي پيدا ڪرڻ ۽ نوجوان طبقي ۽ مايوسين جو ٻج ڇٽڻ ڪو سُٺو ڪم ناهي ۽ تبديليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تعداد جي ڪا ايتري گهڻي اهميٽ نه هوندي آهي، نوجوانن ۾ ان ڪري به اُتساهه ڀرڻ گهرجي ۽ سندن سوچ کي همٿائجي جو اُهي معاشري ۽ مثبت تبديلي جا سرخيل ۽ سرواڻ ٿين ڇاڪاڻ ته اُهي ايندڙ وقت جا اڏيندڙ آهن ۽ منجهائن وڏيون اُميدون رکڻ جي ڳالهه ڪندي شيخ اياز ڪجهه هن طرح چيو آهي:

ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي آن منهنجو خواب،
تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو.

سو صدين جي سوال جو ڇيد به ضروري آهي ته صدين جي سوال جي پس منظر کي پيش منظر ۾ آڻڻ به ضروري آهي جيئن صدين جي سوال کي موٽ ڏيندڙ مانجهي ڪنهن منزل جي ميل پٿر کي ماڻي سگهن. انهيءَ سموري سوچ ويچار کان پوءِ اسان کي محسوس ٿيندو ۽ پروڙ پوندي ته سنڌي سماج جا بُنياد ڪهڙا آهن؟ اُنهن بُنيادن کي ڪهڙن اندروني يا بيروني عنصرن ڌوڏيو آهي ۽ ڪهڙين حالتن ۽ هاڃن اسان کي موجوده حالتن ۾ پهچايو آهي ان لاءِ اسان کي هڪ هڪ نقطي کي الڳ الڳ کڻي ڪري ڏسڻو پوندو ۽ سمورن زهني مفالطن کي علم جي تحقيق جي اک سان ڏسڻو پوندو جيئن اسان جي راهه روشن ٿئي.

(1) سنڌي سماج گهٽ نسلي ۽ گهٽ ذاتي آهي. هتي وسندڙ مختلف نسلن ۽ ذاتين جا آهن. سنڌ جا باشندا هئڻ ۽ صديون هتي رهڻ جي باوجود اڃا تائين مختلف تضادان جو شڪار آهن ڪٿي سماٽ ٻروچ جو ٽڪراءُ آهي ته ڪٿي مختلف قبيلن جو مکاميلو آهي. ڪٿي شهري پاڻ کي سوايو شهري سمجهي ٿو ته ڪٿي ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي اڻ پڙهيو عجمي ڀانيو وڃي ٿو. ڪي شهري طبقا صفا نياري ۽ الڳ ٿلڳ مخلوق وانگر ڪاروهنوار ڪندي شهري کي پنهنجي اڪيلي جاگير سمجهن ٿا جيتوڻيڪ آهي زباني ڪلامڻي ”اجاگيرداري“ جي مخالفت ڪن ٿا. اهڙين سمورن تضادن ۽ ٽڪراتن جي ميڙ ۾ هتي سدائين تبديلي لاءِ اهڙا پرڏيهي ماڊل آزمايا ويا آهن جيڪي هڪ (Homogenous) سماجن ۾ آزمايا ويا يا ڪامياب ويا. سنڌي سماج جي هِن گهٽ رفي صورتحال ۾ اهڙا سمورا نسخا اجايا ۽ اڪارٿ آهن هتي تبديلي يا ڦيرو معروفي ۽ مقامي حالتن پٽاندر ايندو. صدين کان جيڪي ٽڪراءَ ۽ تضادات موجود آهن تن جو ڪوشافي حل ڳولوي لهٽو پوندو ۽ اُنهن ٽڪرائن کي گهٽائڻ جو روڊ ميپ تيار ڪرڻو پوندو جيئن سماج هم آهنگي ڏانهن وڌي. ماڻهوءَ ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين پراون جهيڙن جهٽين جو لک نه بڻجي سندن ڏهن ۽ وهاريل صديون پُراڻن تضادان ڪوري ڪڍڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. معاشرتي تصادات جو هئڻ فطري آهي پر اُنهن ٽڪرائن کي مثبت رُخ ڏئي چڱائيءَ ۽ ترقي جي منزل ڏانهن وٺي وڃڻ شعوري ڪاروهنوار آهي جيڪو سڀني ساڃهه وند طبقن جي ڌيان جو منتظر آهي.

(2) سنڌي سماج جي معيشيت جو بُنياد زراعتي ۽ مالداري سرستي تي آهي تنهنڪري اُن ۾ زرعي چراگاهي سماج جون چڱايون مدايون شاملن آهن. زمين جي هٿ ٺوڪي مالڪي ڪيترن ئي سادن سودن ۽ ويچارن کي پنهنجي حقيقي حق کان محروم ڪري ٿي ڇڏي تنهنڪري ڪن ماڻهن وٽ هزارين ايڪڙ زمينن جا ڏيهن جا ڏيهه پيا آهن ته ڪن وٽ ’ٻه ايڪڙ ٻني‘ به ناهي جو اُهي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪُٽنب جو پيٽ گذر ڪن وسيلن جي انهيءَ اڻ برابريءَ سماج کي ٻن قطبي ڇيڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. لينڊ هولڊنگ طبقي جا مفادات ۽ اڀرن ۽ هيڻن طبقن جا مفادات الڳ آهن انهيءَ ورهاست سڄي سماج جي خدمتن ۽ چاڪرين کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هتي امير جي ٻارن وڃڻ لاءِ الڳ اسڪول آهن ته غريب جي وڃڻ لاءِ ٻيلا سرڪاري اسڪول. جيڪي ڪنهن وقت ۾ تمام بهترين تعليم ڏيندڙ اداري طور ڄاتا سُڃاتا آهن. غريب ماڻهو بيمار ٿي بُنيادي صحت مرڪز، تعلقي اسپتال يا سول اسپتال وڃي ٿو ۽ شاهوڪار ماڻهو ميوزيم نما ۽ ڳري في وٺندڙ اسپتالن ۾ وڃي علاج ڪرائين ٿا اهڙي صورتحال سڀني خدمتن جي آهي انهي قطبي ڌِڪ ۽ ڌڪار سماج کي ڦٽي ڦارون ڪري ڇڏيو آهي ۽ حساس ماڻهوءَ جو اهڙي صورتحال کي ڏسي هينئر ڦارون ڦارون ٿي پوي ٿو. زرعي سماج ۾ اُپت تي سمورو وس ۽ اختيار هولڊنگ واري جو هوندو آهي ۽ صنعتي سماج به اُن کي ڪو گهڻو تبديل نه ڪيو آهي. زمين اُن جي مالڪي، اُن جي اُپت، اُن تي ٿيندڙ پورهيو ۽ پورهئي جي مِٽا سِتا ۾ اهڙو توازن هُجي جو وسيلن جي ورڇ برابري واري ۽ منصفاڻي هُجي. اسان پنهنجي اقتصادي رسورس بيس کي صدين کان زرعي رکيو آهي ۽ اُن کي Diversify ڪري نه سگهيا آهيون ۽ اُن جو ڪفارو سڀئي ادا ڪن ٿا. جڏهن گُذريل ٻوڏ آئي هُئي ته سنڌ جي اڪثر زمين رکندڙن وٽ شهرن ۾ گهر به نه هو جنهن ۾ ڀڄي وڃي مٿو لڪائين ۽ پوءِ اُهي نه چاهيندي به تنبن ۾ اُنهن ماڻهن سان گڏ رهيا جن کان سندن نسلن صدين کان نفرت ڪئي آهي ۽ هڪ مخصوص وڇوٽي رکي آهي. ڪٿي ڪٿي ته هڪ تنبوءَ ۾ زمين رکندڙ ۽ سندن پاڪ هئا ته ٻئي تنبوءَ ۾ وري ڪروڙن جي لاڳت سان خريديل سندن گاڏي بيٺل نظر اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اُن ۾ وجهڻ لاءِ ڦڙو تيل جو به نه هو. اها معاشي ابتري ۽ سماندگياسان جي سماج جي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪري ٿي. ڪنهن به سماج ۾ اُپت جي ذريعن جو اُن سماج جي تبديليءَ ۾ تمام اهم ڪردار هوندو آهي سو اسان کي پنهنجي وسيلن جي ڳيجهي Resource Saris کي ٻهڳڻ Diversified بنائڻ گهرجي. زرعي معيشيت ۾ مال جي حصيداري اڌواڌ آهي پر اسان وٽ مال ڌارڻ، مال چارڻ ۽ مال سنڀالڻ جي ريت رسم صدين پُراڻي آهي، جيڪا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن. اسان وٽ مال جي سنڀاليداري جا ڪي به سائنسي طريقا نه آهن نه ئي اسان پنهنجي روايتي طريقن کي بهتر نموني سنڀاليو آهي، جنهن ڪري اسان جي مالداري وارو اقتصادي رُخ به سدائين جوکي هيٺ آهي. مُنهن کُرجي بيماري يا سمهاڙو اچي پوندو آهي مال ۾ ته ولرن جا ولر وٺجي ويندا آهن يا ٿڌي (ماتا) اچي پوندي آهي ته ولرن جا ولر مري اُگهرٽ ٿي ويندا آهن، ٻڪري رڍ جي ٻيڪ به نه ٻُڌبي آهي جتي سڄو ڏينهن بهاري لڳي پئي هوندي هئي.

(3) سنڌي سماج ۾ مذهبي هم آهنگي، عقيديداري جي سهپ ۽ هڪٻئي جو احترام تمام اعليٰ قسم جو رهندو آيو آهي جنهن جو سبب سنڌ ۾ صوفين جي تعليم جو اثر آهي. صوفين، بُزرگن هتان جي ماڻهن ۾ اِها هم آهنگي ان حد تائين پيدا ڪئي جو ماڻهن پنهنجا عقيدائي ويڇا وساري پاڻ کي حق جي هيڪڙائي سان ڳنڍيو ۽ هم اوست جو هوڪو ڏئي صلح ڪار جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو دُنيا ۾ مثال نٿو ملي. سنڌ جي ڪلاسيڪي شعر تي هم اوست جي گهري ڇاپ آهي. هم کي حق چوڻ جي ڳالهه انهن شاعرن ايئن سمجهائي آهي جو اُن جي مسيحائيءَ جو تاثير خلق خدا جيءَ جي روح جي اونهائين ۾ لهي ويو آهي ۽ انهن شاعرن جي شاعريءَ جي پيغام جو سڏ سئي ڪيترائي وانگي ونگ واٽ ڇڏي، سُتڙ پئي سالم ٿيا جن جي پرت پڙاڏو اڄ به هر هنڌ موجود آهي. ڀٽائي، ڪريم سائين خواجه محمد زمان، قاضي قادن، لطف الله قادري سچل سرمست سامي، صوفي صديق فقير صادق، خليفو نبي بخش قاسم، روحل فقير ۽ ٻين شاعرن پنهنجي پيامن سان ائين جڳ موهيو آهي جو سندن ڪلام شبناسيءَ صرف پڙهيل طبقي تائين محدود ناهي ۽ پڙهيلن کان وڌيڪ سندن محبتي اڻ پڙهيل آهي. اها نيارپ دُنيا ۾ گهٽ آهي. ڀٽائي صاحب ان رمز کي ڪُجهه هن ريت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

سي اڻ پڙهيائي پڙهيا ٿيا، جن کي پڙهائي پاڻ،
ٻيا ڪوڙين ڪتابن ساڻ، هونئن ئي وتن هلندا.

انهن صوفي شاعرن جي پيغام سنڌ جي عام ماڻهوءَ تي پنهنجو تمام گهڻو اثر ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مذهبي هم آهنگي رواداري ۽ سيڪيولر ۽ پليورل سماج جو ماحول وڌيو ويجهيو. ماڻهن جي انهي آوت جاوت کي ڏسني مارڪيٽ جي قووتن اُن کي سرمايائيندي Capitalizing واپارڪو Commercial بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي طرح درگاهن سان طرحين طرضي جون شيون بدعتون چُهٽي ويون. انهن بزرگن کي شاعرن کي شاعر گهٽ ۽ ولي طور بيان ڪندي سندن پيغام جا پسند موجب روحاني راز بيان ڪيا ويا انهيءَ عمل سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي پيغام جي اصل روح کي ڇيهو رسايو ۽ صوفين جي ڍال جي اوٽ لکين غريبن، هيڻن ۽ مسڪينن کي ذهني باندي بڻايو ويو ۽ سوين سالن کان اهو عمل جاري آهي. شاعري ۽ صوفي بزرگ سڀني جي گڏيل ميراث آهن ۽ سندن پرچار چڱائي، نيڪي ۽ صلح ڪُل آهي جيڪو ان جي اُبتڙ ڪري ٿو سو اُنهن منجهان ناهي باقي اُنهن هٿ ٺوڪين ڪيسن ۽ موسن تي نه ميار آهي نه اُنهن جي ڳالهه آهي، جن ويرين کي واٽ ڏسي ۽ اُنهن جي مفادات لاءِ ڪم ڪيو. سندن ڪارڪردگي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. اهڙي بگڙيل ماحول نيڪ ۽ صالح تبديلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي جيئن ماحول ۾ ڪا صحتمند تبديلي اچي.

(4) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سرواڻي جي اڪثريت جو رول ماڊل اُهو روايتي وڏيرو آهي جنهن کان نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي پر نفرت ڪندڙ ۽ اُن جو کلم کليو اظهار ڪندڙ خود جيئن مچي متارا ٿين ٿا تيئن اُهي به وڏيرو ٿيو وڃن. جيڪڏهن اهڙوئي روايتي وڏيرو ٿيڻو آهي ته پوءِ ڪنهن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪنهن سي سيٽ خراب ڪرڻ جي ضرورت ناهي. وڏيرپ جي درسگاهه کلي پئي آهي روز انونت نوان چهرا هِن ميدان ۾ داخل ٿي پنهنجي واري جو واهول وڄائي رهيا آهن ۽ سماج کي ڏينهون ڏينهن پُٺتي وٺي وڃي رهيا آهن. ڪلف لڳائي ڪاٽن ڪپڙا پائي ڪنهن وزير جي آفيس ۾ ويهي چاپلوس ڪرڻ جو نالو وڏپ يا وڏيرپ ناهي، وڏيرپ ڪنهن اُچي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ اُستاد جي پگهار کائي ڊيوٽي تان گسائي پٽيلي ڪرڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ ڪنهن مسڪين کي ستائڻ نالو ناهي؟ وڏيرپ نشي ۾ ڌت ٿي دڙڪا دهمان ڏيڻ يا بڙ بڙ ڪرڻ جو نالو ناهي؟ وڏيرپ اُن رويي ۽ ڪاروهنوار جو نالو آهي جنهن سان ماڻهوءَ جو اعليٰ اخلاق کيس سماج ۾ جتي هيڏو وڏو رُبتو ڏئي ٿو اُتي سندس ڪُلهن تي وڏو بار وجهي ٿو ۽ هُو معاشرو جو امان ۽ ابو بڻجي غريبن يتيمن، مسڪينن رنن زال جو اجهو ۽ آڌار ٿئي ٿو. مٿانئن ڇپر ڇانوَ ٿي بيهي ٿو ۽ ڏکيءَ سکيءَ ۾ سندن سار لهي ٿو. هيڻن طبقن جو حامي ٿئي ٿو. اهڙي گڻ کي ساراهيندي ڀٽائي صاحب هن ريت فرمايو آهي:

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پانڌ جني جي پانڌ سان، لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهنج، اُڀو ڪري اُن سين.

سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت مانائتي رهي آهي. عورت ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءَ جي روپ ۾ احترام لائق رهي آهي ۽ عورت مردن سان گڏوگڏ ڪار حڪومت ۾ ڪلهو ۾ ڪلهو ملائي بيٺي آهي يا مددن کان به ٻه قدم اڳتي نڪري وئي آهي. همون ٻائي سومري، تارا ٻائي سومري، ٻاگهل ٻائي سومري، بختاور لاشاري، بينظري ڀُٽي جا نالا ان ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا پر مرداڻي سرسي Male Dominantly واري معاشري ۾ عام عورت جي حالت ڏکوئيندڙ به رهي آهي. هُوءَ مرد سان گهر جي ذميوارين ۾ وڏو حصو نباهڻ کانپوءِ به معاشي ڪم ڪار کي به ڪلهو ڏئي ٿي. سڄي گهر داري سنڀالڻ کانپوءِ کيس مُناسب کاڌو ۽ آرام به نصيب نٿو ٿئي ويترڪن حصن ۾ ته اُها ”ڪاريءَ“ جي نالي هيٺ قتل ٿيندي رهي ٿي. سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڏسبو ته هر گهٽ گهيڙ کان ايندڙ عورت جي مٿي تي يا پاڻيءَ جو دِلو هوندو يا ڏلهو کنيل هوندو. ڏلهو قيدين کي کڻايو ويندو هو جيڪي قيدي وڏائنگين ڏوهه ڪري، ايندا هئا تن کان تمام ڳرو بار مٿي تي کڻايو ويندو هو ۽ کين ڏلهن وسيلي بندن ٻڌڻ ۽ روڊ رستن ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳايو ويندو هو. ائين عورت جو اهو روپ سڄيءَ سنڌ ۾ هر هنڌ نظر ايندو. غير سرڪاري اداري توڙي سرڪار نامدار ڪيتريون به دعوائون ڪري، پر جيستائين عورت جي مٿي تان دِلو ۽ ڏلهو نٿو لهي تيستائين عورت جي ترقيءَ جون سموريون دعوائون ڪوڙيون آهن. عورت تان ڪاريءَ جي نالي ۾ لٽڪندڙ ڪهاڙي نٿي لهي تيستائين سُڌرڻ جون سموريون دعوائون کوکليون آهن. سنڌي عورت سماج جو اهڙو سٻاجهو ۽ امن پرور طبقو آهي جنهن جي حالت بهتر ٿيڻ ۽ اڳتي اچڻ سان اسان جي سماج ۾ تمام وڏي تبديلي ايندي اڳتي اچڻ مان مُراد سماجي ترقي ۾ آزاديءَ سان ڪردار نڀاهڻ آهي، نه ئي اڌ اگهاڙو ويس پائي، سُڌريل ۽ فارورڊ جو نعرو هڻڻ آهي. اسان جي عورت جي لوئيءَ جي لڄ مُلڪان ملڪ مشهور ۽ پرکنڊين پڌري رهي آهي. اهڙي طرح سنڌي سماج جا مختلف رُخ يا ڌارائون آهن جن وسيلي اُهو اڳتي وڌنڌو، پُٺتي هٽندو رهيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ترقيءَ جون منزلون به طئه ڪيون آهن ته ڪيترن ئي لوڏن لمن اُن کي تنرل جي تحت الشريٰ ۾ پُڻ ڌِڪيو آهي.