جي ايم سيد ڌرتي جو وجود بچائڻ لاءِ سڄي زندگي زندان ۾ گذاري: صنعان قريشي

ڄامشورو: جسقم مرڪز پاران سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرهه وڏي جوش جذبي سان ملهائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳوڻي ۾ هزارين رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو ويو، جنهن بعد مرڪزي قيادت سيد جي سيراندي کان سيد جي 116 هين سالگرھ جو عظيم عاليشان جلسو ڪيو ويو، جنهن کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته مظلوم ۽ محقوم قومن جي طرفدار رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرھ جي موقعي تي سنڌي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو، هن وڌيڪ چيو ته سيد جو فڪر مظلوم قومن لاءِ راھ نجات آهي، سائين جي ايم سيد سنڌ سان ٿيندڙ هرنا انصافي، ڦرلٽ ۽ سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ سموري زندگي جيل ۽ زندان ۾ گذاري، هن چيو ته نااهل حڪمرانن جي ڪري ٿر ۾ معصوم ٻارڙا ۽ امڙيون غذا ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب مري رهيا آهن، سنڌ ۾ نانگ جي ڏنگ ۽ ڪتي جي چڪ جون انجيڪشن نه ملڻ ۽ ڪاري ڪامڻ سبب سنڌي ماڻهو مري رهيا آهن ،هن خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي روزگار ڏنو وڃي ٿو، پر سنڌي ماڻهن لاءِ  نوڪرين ۽ روزگار جا در بند آهن، هن خطاب ۾ ڪراچي اور سنڌ جي ٻولي ڳالهائيندڙن کي چيو ته ڪراچي سنڌ آهي، مان اردو ڳالهائيندڙن کي چوان ٿو ته سنڌي قوم ۾ ضم ٿي وڃن جنهن ۾ ئي سندن مستقبل آهي، هن سالگرھ جلسي ۾ اعلان ڪندي چيو ته سال 2020 کي سائين جي ايم سيد جي فڪر مطابق پيار، محبت،امن ۽ رواداري جو سال ڪري ملهائينداسين،جڏهن ته جلسي کي جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نا اهل حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ کي نا اهل حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، سائين جي ايم سيد جي فڪر مطابق سنڌ جي مالڪي ڪنداسين. جڏهن ته سيد جي سالگرھ تقريب ۾ ٽارچل سيل مان آزاد ٿيل جسقم مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته هي سر هڪڙو آڇيندي پنهل کي لڄ مران، هجن سر گهڻا ته واري واري وڍيا، هن وڌيڪ چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو فڪر پيار، محبت امن رواداري جو فڪر آهي جنهن تي هلڻ جي ڏوھ ۾ رستن تان کڻي گم ڪيو ويو وڃي ٿو، هن چيو هي زندگي سنڌ جي امانت آهي، سيد جي سالگرھ جلسي کي ڊاڪٽر سرور خشڪ، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته قومي فنڪار ٻالڪ سنڌي ۽ ساجد سنڌي قومي گيت پيش ڪيا