جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان جي ايم سيد جي فڪر تي روشني وجهندڙ شخصيتن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو

جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان سال 2020 جو جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ برطانيا جي شهر برمنگهم جي رهائشي سائنڻ ثريا مخدوم کي عطا ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ڪميٽيءَ طرفان اختر ڪاڪيپوٽو ۽ سرفراز ميمڻ کي پڻ جي ايم سيد ڪميٽمنٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي، جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ انهن شخصيتن کي ڏنا ويا آهن جن سائين جي ايم سيد جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي قومي خودمختياري جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي، جڏهن ايوارڊ جو سلسلو شروع ٿيو آهي هن وقت تائين هي شخصيتون ايوارڊ حاصل ڪري چڪيون آهن، ڪيرت ٻاٻاڻي  (ممبئي انڊيا ) ابراهيم جويو (ڄامشورو سنڌ ) ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي (دهلي انڊيا ) سوڀو گيانچنداڻي (لاڙڪاڻو سنڌ ) آزاد قاضي (ڪراچي سنڌ ) موهن گيهاڻي (دبئي متحده عرب امارات ) خادم سومرو (ڪراچي سنڌ) ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش (انڊيا ) ڊاڪٽر صفدر سرڪي (آمريڪا ) سندر آگاڻي (انڊيا ) عبدالواحد آريسر (سنڌ ) خاڪي جويو (سنڌ ) پروفيسر ٻلديو متلاڻي ( ممبئي انڊيا ) ڊاڪٽر چارلس گريوس (سوئٽزرلينڊ ) بصير نويد (هانگ ڪانگ ) خالد هاشماڻي (آمريڪا ) ناز سنائي (سنڌ) پروفيسر ايم ڪي جيٽلي (نيو دهلي انڊيا ) تاج جويو ( سنڌ ) وينا شرنگي ( انڊيا ) عطا محمد ڀنڀرو ( سنڌ ) سندري اتمچنداڻي (ممبئي انڊيا ) عبدالخالق جوڻيجو (ڪراچي سنڌ ) پارو چاولا ( ممبئي انڊيا ) علي نواز ٻٽ (سنڌ ) ڊاڪٽر جڳديش سوڀراج لچاڻي ( انڊيا ) ڪامريڊ روچي رام ( سنڌ ) هيرو ٺڪر (نيو دهلي انڊيا ) استاد محمد راهمون  (سنڌ ) ياسين جوڻيجو ڊاڪٽر حيدر لاشاري ( آمريڪا

سائنڻ ثريا مخدوم :=  نوشهروفيروز ضلعي درٻيلو جي شهر ۾ جنم وٺندڙ پيشي جي لحاظ کان هڪ تعليمدان هجڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياسي سرگرمين جو بنياد وجهندڙ آهي ، پڙهائي واري دور ۾ جساف سان لاڳاپيل رهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشور ۾ پاڻ هڪ استاد جي حيثييت ۾ رهي آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايئسويسشن جي پهرئين عورت صدر جو اعزاز حاصل ڪيائين، انگلينڊ مائيگريشن ڪرڻ کانپوءِ به تعليم ۽ تدريسي جي پيشي سان لاڳپيل رهي، جتي پندرهن سالن تائين برمنگهم سيڪنڊري اسڪول ۾ گورنر جي طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ يونين جي سرگرمين جو به حصو ورتو، سائنڻ ثريا مخدوم کي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي بانيڪار هئڻ جو به اعزاز حاصل آهي ۽ ڪيترن سالن تائين ايگزيڪٽيو ڪميٽيءَ جو حصو رهندي مختلف عهدن جهڙوڪ آرگنائيزر يوڪي  ۽ يورپ ، سينئر وائس چيرپرسن طور ڪم ڪيو، مختلف فورمن  ۽ ڪانفرنسن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪئي، جنيوا شهر ۾ انساني حقن جي ڪميشن ۾ پڻ شامل ٿي ۽ انگلينڊ ۽ يورپ ۾ ٿيندڙ ڪانفرسن ثقافتي ميڙاڪن ۽ ٻين ايونٽ ۾ شامل ٿيندي رهي، جي ايم سيد ميموريل ايوارڊ سائنڻ ثريا مخدوم کي سنڌ جي حقن لاءِ بين الاقوامي فورمن تي آواز اٿارڻ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي مڃتا طور ڏنو ويو آهي.

اختر ڪاڪيپوٽو :=  سائين جي ايم سيد پاران جوڙيل جيئي سنڌ تحريڪ ۾ هڪ اتساهه پيدا ڪندڙ شخصيت جي حيثيت رکن ٿا، اختر ڪاڪيپوٽو شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ سن1953ع ۾ جنم ورتو، پاڻ هاءِ اسڪول جي دور ۾ جئي سنڌ سان لاڳپيل رهيا، جساف سنڌ يونيورسٽي جا صدر چونڊجي آيا، بعد ۾ جيئي سنڌ محاذ جا وائيس چيئرمين پڻ رهيا، قومي جدوجهد جي سلسلي ۾ مارشلا واري زماني ۾ 80 واري ڏهاڪي جيل پڻ ڪاٽيائون، اختر ڪاڪيپوٽو کي اسٽڊي سرڪل هلائڻ، سيد جي فڪر ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي جهر جهنگ پهچائڻ وارين خدمتن جي عيوض جي ايم سيد ڪمٽمينٽ ايوارڊ نوازيو ويو آهي.

سرفراز ميمڻ := جيئي سنڌ تحريڪ ۾ هڪ معتبر ڪارڪن ۽ رهنما سمجهيو وڃي ٿو، نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ سرفراز ميمڻ جي پيدائيش سال 1958ع ۾ ٿي. شاگرديءَ واري زماني ۾ کان ئي سندس تعلق جيئي سنڌ سان رهيو آهي جيڪو اڳتي هلي مرڪزي قيادت تائين پهتو. قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ کيس مختلف وقتن تي قيد و بند جون سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون. سرفراز ميمڻ جي ايم سيد جي فڪر ۽ جيئي سنڌ تحريڪ کي جهر جهنگ پهچائڻ جي خدمتن عيوض جي ايم سيد ڪميٽمينٽ ايوارڊ عطا ڪيو ويو.