جي ايم سيد جي ھر عمل، تحرير توڙي تقرير جو مرڪز سنڌ جي محبت هئي: اسلم خيرپوري

سن: سن ۾  هلچل تحريڪ  جي باني سائين جي ايم سيد جي 116 سالگره جي موقعي تي جسقم  آريسر طرفان جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، امير آزاد پنھور. ارباب ڀيل، سرمد ميراڻي، غازي خان جکراڻي. تاج جويو. وحيد سنڌي. امير باغي. ابو نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي وئي. ان موقعي تي جلسي گاھ ۾ سائين جي ايم سيد جي 116 سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن سان بي انتھا پيار ڪندڙ شخص ھو. سندس ھر عمل تحرير توڙي تقرير جو مرڪز سنڌ جي محبت هئي، ايوب ڪانڌڙو، سھيل رضا ڀٽي، فتح چنا، شادي خان سومرو، مسعود شاھ سميت ڪيترائي ڪارڪن گم آھن. ھن اعلان ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن، ڌارين جي آبادگاري، سنڌو دريا تي ڌاڙي، مذھبي انتھا پسندي خلاف جسقم طرفان 23 فيبروري تي. حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي ويندي. 10 فيبروري تي سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن پورھيو ڏينھن ملهائيندا.