جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي آجپي جو وسيلو آهي:خالق جوڻيجو

حيدرآباد:-  قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي اڳواڻن سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي آجپي جو وسيلو جي ايم سيد جو فڪر آهي، جنهن کي عقيدي پرستي مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه جيئي سنڌ محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي قاسم آباد ۾ منعقد ڪرايل سالگرهه واري جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، سياسي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد ننڍي کنڊ جو اهو اڳواڻ هو، جنهن پنهنجيون غلطيون مڃيون، پر جي ايم سيد جي نالي تي سياست ڪندڙ ٻيا ماڻهو سندس فڪر جي خلاف ڪم پيا ڪن، ڪي اڦٽ مار بندوق کان گهٽ ڳالهه نٿا ڪن ته ڪي وري طوفاني بدڪلامي جون ڳالهيون ٿا ڪن، اهڙا لاڙا جي ايم سيد جي فڪر جي خلاف آهن، اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته خيرات کپي يا وسيلن جي مالڪي، ون يونٽ مخالف تحريڪ وانگر سياسي ليڪو به ڪڍڻو پوندو ته حيدربخش جتوئي ۽ جي ايم سيد سنڌ جا سڄڻ هئا، کهڙو ۽ راشدي غدار هئا، سنڌ به ساڳئي سنسار ۾ موجود آهي، جتي سرمائيداريت جو ڀونچال نظر پيو اچي. هن چيو ته سنڌ ۾ ترقي جي نالي تي تباهي شروع ڪئي وئي آهي، ايندڙ وقت اسان کان پڇاڻو ڪندو ته اسان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته آئون پنجاب ضرور ويندو آهيان، لاهور، فيصل آباد سميت پنجاب جي ترقي پسند تحريڪ سان گڏ ويهندو آهيان، پر جڏهن کان سياست ۾ پنجاب سامراج جو لفظ ٿا استعمال ڪيون ته اهو سياسي اصطلاح آهي، جيئن مثال طور تي برطانوي سامراج ۽ آمريڪي سامراج چوندا آهيون، پر اتي به ڀلا ماڻهو هوندا آهن. هن اعلان ڪيو ته جيئي سنڌ محاذ جي 50 سالا پڄاڻي جي سلسلي هلندڙ سال 2020ع کي گولڊن جوبلي طور ملهائي رهيا آهيون. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته جي ايم سيد سنڌ هاري ڪميٽي جي بانين مان آهي، نقصان اهو ٿيو ته طبقاتي سوال ۽ قومي سوال ۾ ويڇا وڌڻ سان اسان جا مسئلا وڌي ويا. هن چيو ته تبديلي سرڪار اچڻ سان مهانگائي جو طوفان آيو آهي، سنڌ ۾ ته زرداري زار بادشاهه ٿو لڳي، هن وقت عوام مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري ٿو، پر سياسي قيادت جي کوٽ آهي، جنهن کي گڏجي پورو ڪرڻ گهرجي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي صدر يوسف مستي خان چيو ته پاڪستان لاءِ جتي مطالبو نه ڪيو ويو، ان خطي ۾ ٺهيو جنهن جي قومي ٻولي ۽ قومي ترانو هن سرزمين جي ماڻهن جي ٻولين منجها ناهي، هي عجيب ملڪ آهي جنهن جا وسيلا عوام جي لاءِ ناهن هوندا