جيڪڏهن هڪ ڀيرو سڪيورٽي جي هنج ۾ ويهي رهيس ته نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.، داڻو وڌو ويو پر مون نه چڳيو:چيف جسٽس

اسلام آباد :-  اسلام آباد ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پرويز مشرف جو ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو،سپريم ڪورٽ پنهنجن فيصلن ۾ قرار ڏئي چڪي هئي. هن چيو ته ڪيترا ئي ڀيرا کيس لالچ ڏئي اهم عهدن لاءِ آڇ ڪئي وئي، داڻو وڌو ويو پر هن نه چڳيو.چيف جسٽس چيو ته انصاف ڪيون ته ڪنهن ڳالهه جو ڊپ ناهي هوندو،قادري ڪيس ۾ جنرل راحيل شريف کيس پيغام اماڻيو ته توهان کي سڪيورٽي فراهم ڪنداسين. هڪ ڏينهن سوچڻ بعد جواب ڏنم ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو سڪيورٽي جي هنج ۾ ويهي رهيس ته نڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته خاص عدالت جو سربراهه نامزد ٿيو ته نوٽيفڪيشڻ بعد سيڪريٽري کي هٽايو ويو،آرمي چيف جي عهدي ۾ واڌ بابت فيصلي جا ڏور رس اثر پوندا، جيڪي توهان کي بعد ۾ نظر ايندا. هن چيو ته انگريز پنهنجي گزٽيئر ۾ لکيو ته پنجاب کي گڏ کڻي هلڻ چاهيو ٿا ته هن جي ليڊر کي عزت ڏيو، سنڌي جو استحصال ، پٺاڻ کي رشوت ۽ بلوچ کي عزت ڏيو.چيف جسٽسن آف پاڪستان چيو ته قانون جي حڪمران سان معاشرا ۽ ملڪ ترقي ڪندا آهن. هن چيو ته رٽائرمنٽ کانپوءِ  کيس ڪيمبريج هارورڊ ۾ فيلو شپس جي آڇ ٿي جيڪا هن قبولي ورتي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عرفان قادر سئو ڀيرا پروگرام ۾ چيو ته مان نواز شريف کي گاڊ فادر چيو پر مان پاناما ڪيس ۾ گاڊفادر جو لفظ ناهي لکيو،ان کانپوءِ وري سسلين مافيا جي ڳالهه به مونسان ڳنڍي وئي.