جيڪڏهن آئون بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ ملوث آهيان ته پوءِ سزا ڇو نه ڏني وئي؟ وفاقي وزير اعجاز شاهه

ڪراچي :- وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته نيب آزاد ادارو آهي، شاهد خاقان ڪجهه ناهي ڪيو ته کيس آزاد ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو ته نيب آزاد ادارو آهي، اُن جي چيئرمين کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ئي مقرر ڪيو هو. شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ڪجهه ناهي ڪيو ته کيس آزاد ڪيو ويندو، هُن ڪجهه ڪيو آهي، تڏهن ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي اعجاز شاهه چيو ته آصف زرداري پاڻ ئي چوندو آهي ته اهڙن ڪمن ۾ ائين ٿيندو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اپوزيشن احتجاج ڪري ته ڪنٽينر مهيا ڪنداسين پر ڪنهن کي شيشا به ٽوڙڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هتي وار لارڊز نه ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اعجاز شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو والد 5 سالن تائين اقتدار ۾ رهيو، جيڪڏهن آئون بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ ملوث آهيان ته پوءِ سزا ڇو نه ڏني وئي؟.