جيڪب آباد ۾ پُراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيءُ پٽ قتل

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ پُراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيءُ پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ مڱڻهار برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار تان ٻيهر جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌُرين هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جهيڙي دوران گولي لڳڻ ڪري 50 ورهين جو خادم حسين ۽ سندس 13 ورهين جو پُٽ راجا مڱڻهار قتل ٿي ويا. سندن لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي خادم حسين ۽ ٻين وارثن ٻڌايو ته مخالف ڌُر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. وقت سر اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان پهتي، جنهن ڪري هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مقتولن جا لاش مقامي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد دفنايا ويا. جڏهن ته پوليس نه ته جوابدارن کي پڪڙ ۾ آڻي سگهي آهي ۽ نه ئي وري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جي وارثن جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اهي ڪيس داخل ڪرائيندا ته پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته جوابدار ڌُر جو همراهه 2013 قتل ٿيو هو، جنهن جي پلاند ۾ ٻٽو قتل ڪيو ويو.