جيڪب آباد ۾ پوليس چوڪي تي حملي ۾ ملوث سياسي بااثر جوابدار گرفتار

جيڪب آباد :- ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته آئي جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جي خاص ھدايتن تي جمالي واھ باء پاس تان سي آء اي پوليس گناھ نمبر 12/2008 قلم  ATA/6,302,353,395 PPC,6 ٿاڻو امام بخش جمالي ضلعو قمبر شھدادڪوٽ سميت مختلف سنگين نوعيت جي 10 ڪيسن ۾ گھربل جوابدار محمد صلاح پٽ محمد پناھ شھلياڻي جمالي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جوابدار 2008 ۾ نور پور ريگيوليٽر پوليس چوڪي تي پنھنجي 30 ساٿين سميت راڪيٽ لانچر سان حملو ڪري ايس ايچ او سميت 5 پوليس اھلڪارن کي قتل ڪري سندن لاشون ساڙي ڇڏيون ھيون ۽ ان کان علاوھ 10 ڪيسن ۾ گھربل ھو جڏھن ته سندس سر مٿان 10 لک روپيا انعام پڻ رکيل ھو. ٻئي پاسي ڳڙھي خيري تعلقي جي پ پ پ جي اھم سياسي اڳواڻ ۽ وڏيري محمد صلاح شھلياڻي جي گرفتاري تي سموري مقامي پ پ پ قيادت سخت پريشان آھي ۽ محمد صلاح شھلياڻي جي گرفتاري تي پ پ پ کي ڳڙھي خيرو ۾ وڏو سياسي ڌچڪو آھي.