جيڪب آباد ۾ مسافر بس اونڌي ٿيڻ سبب ٻارڙي ۽ ٻه عورتون فوت

جيڪب آباد : جيڪب آباد ۾ مسافر بس اونڌي ٿيڻ سبب ٻارڙي ۽ 2 عورتون فوت ٿي ويون آهن. تفصيل موجب بلوچستان جي علائقي مانجهي پور کان جيڪب آباد ايندڙ مسافر بس اوور لوڊ هجڻ سبب صدر ٿاڻي جي حد عطر بهنگر جي ويجهو اونڌي ٿي پئي ۽ روڊ جي ويجهو پاڻي سان ڀريل کاهي ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي ۽ 2 عورتون مسمات ارباب خاتون ۽ مسمات گلان رند موقعي تي ئي فوت ٿي ويون جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.بس اونڌي ٿيڻ سبب مسافرن ۾ رڙيون شروع ٿي ويون. مقامي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت بس مان سمورن زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوليس موبائل ۽ ايمبولينس جي ذريعي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو. سول اسپتال پهچندڙ زخمين ۾ علي مراد پنهور، ماهه بيبي، گل بي بي، عائشه خاتون، گل محمد جکراڻي، مريم جکراڻي سميت 11 ماڻهو شامل هئا. جن کي فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.ڊي سي غضنفر علي قادري سول اسپتال پهچي زخمين کي فراهم ڪيل طبي سهوليتن جو جائزو ورتو. ڊي سي صحافين کي ٻڌايو ته حادثي ۾ 3 ڄڻن جي فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.  سول اسپتال ۾ زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. پوليس موجب حادثو مسافر بس جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب پيش آيو آهي.