جيڪب آباد ۾ مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ وارثن جو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو، .خبر موجب جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ تڳيو کوسو واسڻ مبينا اغوا ٿيل ستين ڪلاس جي شاگردياڻي شائسته کوسو جي بازيابي لاءِ وارثن جو پيءُ سھڻو کوسو، خادم حسين، اياز احمد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪئي ڊي سي چوڪ تي پھچي ڌرڻو هنيو مولاداد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي وارثن خطاب ڪندي چيو ته اٺ ڏينهن اڳ بااثر اصغر کوسو پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏ ٿي گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي ڌيءَ کي اغوا ڪري ويو آهي، مولاداد ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نياڻي کي به اڃان تائين بازياب نه ڪرايو ويو آهي.ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.