جيڪب آباد ۾ ظالم مڙس جو زال تي بدترين تشدد، مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ ظالم مڙس جو زال تي بدترين تشدد، مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا، سڄي جسم تي سخت تشدد جا نشان، پوليس عورت کي بازياب ڪرائي ورتو،مڙس خلاف ڪيس داخل جوابدار گرفتار، خبر موجب جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد وچ بازار ٽاور روڊ جي رھواسي ظالم مڙس وقار ٽالاڻي پنهنجي زال سائره کي بدترين تشدد جو نشاڻو بڻائي مٿي جا وار ڪوڙي ڇڏيا جڏهن ته تشدد سبب عورت جي سڄي جسم تي زخم جا نشان ٿي ويا.عورت تي تشدد جي اطلاع تي سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت لاشاري پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري پھچي عورت سائره کي 6 ٻارڙن سميت بازياب ڪرائي ورتو آهي.جڏهن ته عورت کي پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي سٽي ٿاڻي تي عورت جي فرياد تي ظالم مڙس وقار ٽالاڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن ته پوليس مڙس کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان ايس ايڇ او لياقت لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت تي تشدد جي اطلاع تي گھر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو.جڏهن ته عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي تشدد جي شڪار عورت جي سول اسپتال مان ميڊيڪل ڪرائي وئي آهي، وحشي مڙس پاران تشدد جو شڪار عورت سائره جو اصل تعلق دادو جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه سان آهي جيڪي بعد ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي ويا هئا جڏهن ته نوجوان وقار ٽالاڻي انھن جي گھر مٿان مسواڙ تي رھندو ھو جتي انھن جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو جنهن کان پوءِ جوڙو 24 مارچ 2008 تي گھران نڪري پشاور جي نوشھره جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو.جڏھن ته ٽن مھينن بعد زال مڙس اسلام آباد جي عدالت ۾ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن کان پوءِ جوڙو جيڪب آباد موٽي آيو جنهن جي رھائش هاڻ ٽاور روڊ تي ھئي،  جڏهن ته وحشي صفت وقار ٽالاڻي ھڪ سال کان وٺي پنهنجي زال سائره کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رھيو آھي جڏھن ته ڪيترائي ڀيرا عورت سخت تشدد ۾ بيھوش به ٿي وئي.وحشي صفت جي وڏي ڌيءَ فضا بتول خوفزده ٿي ٻڌايو ته بابا امڙ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندو ھو مھينو اڳ سخت تشدد ۾ امڙ بيھوش ٿي وئي ھئي جنھن بعد بابا پاڻي مٿان ھاري امڙ کي ھوش ۾ آندو جڏهن ته پاڻي سبب گھر جا سڀ بسترا آلا ٿي ويا جنهن کان پوءِ ٿڌ ۾ اسان تڙپندا رھيا سين ھن چيو ته بابا مارڻ جو خوف ڏيندو هو ان لاءِ اسان چُپ رھيا سين.جڏهن ته کائڻ لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن ٻاھر کان ماني وٺي ايندو ھو. وحشي صفت وقار ٽالاڻي شراب، ھيروئن ۽ آئس جو نشو ڪندو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا پنهنجي زال سائره کي زبردستي آئس نشو ڪرايو آهي تشدد جي شڪار سائره پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مڙس مون کي نشو واپرائڻ تي مجبور ڪندو هو.ڪيترائي ڀيرا منع ڪئي ته ان ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن خوف کان پوءِ مڙس جو چيو مڃيندي ھئس.